Dataset Viewer
Auto-converted to Parquet Duplicate
text
stringlengths
30
189k
ڳوٺ ڀوريلي جو رهواسي سخي محمد نھڙي راڄ ڀاڳ جو رکوالو، لوڪ ڏاھپ جو ڄاڻو، راڄوڻي فيصلي تي وڏي مھارت رکندڙ ھڪ اھڙو ڪردار ھو، جنھن سوڍن جي ھلندي ۾ بہ پنھنجي لوڪ دانائي ۽ دليريءَ سان پاڻ مڃايو ھو ڳوٺ جي ريل ۾ وھانءُ وڌاڻي يا ڪنھن فيصلي وغيرھ ۾ نونگجي سوڍي سان گڏ سخي محمد نھڙي ۽ سندس ڀائيٽي محمد رحيم جي کٽ رکبي ھئي
فارسيءَ جي ڪنھن شاعر چيو آھي ته مشک آن است کھ خود ببويد،
عطر اھو آھي جو خوبخود پنھنجي خُوشبوءِ پاڻ پکيڙي، نہ ڪي عطار پيو سندس عمدگيءَ جو تعارف ڪرائي
سخي محمد نھڙي جي ڀائيچاري، رواداري ۽ راڄنيتي جي مثالي ڳالھين کي ٻُڌي معلوم ڪري سگهجي ٿو تہ، ھڪ انسان صدين جي صُورت ڪيئن بڻجي ٿو سخي محمد راڄ ڀاڳ جي مرڻي پرڻي سميت ھر خوشي غمي ۾ دِل سان پير کوڙي بيھندو ھو، مرڻي جي موقعي تي وارثن سان گڏ تڏي تي ويھڻ، سٿراڙو سمھڻ جي رسم کان وٺي ٻارس يا چاليھي جون رسمون نبرڻ تائين نڀائڻ ھن ...
ڌرميلي ۽ کوڙي جي ريت نڀائڻ ۾ بہ واگها خان جي فرزند ڏاڏا سخي محمد جا ڪيترائي مثال موجود آھن اسلام ڪوٽ جي ڌيئاري ٻٻران مالهڻ، جيڪا عمرڪوٽ ۾ پرڻايل ھئي، ھن کي سڳو ڀاءُ راملال مالهي عمرڪوٽ کان اسلام ڪوٽ وٺي اچي رهيو ھو، وچ رستي ۾ مور لڪ وٽ لُٽيرن جي موجودگيءَ جو اطلاع مليو، ڀيڻ ڀاءُ پريشانيءَ ۾ گهاڙو جهلي بيھي رهيا، سخي مح...
سخي محمد وٽ وڏي اوھاڙ ھوندي ھئي ھُو دور انديش راڄوند ھو ڪشادي دل ۽ وسيع سوچ رکندڙ سخي محمد ننڍي سوچ کي ٻانڊي سوچ چئي ناپسند ڪندو ھو سخي محمد پنھنجي پوري راڄ کي مرڻي پرڻي هڪڙي چوکي ۾ کارايو ھن وٽ راڄ ۾ راڙا ڪري اُٿندڙ ڪلفت جي طوفان کي روڪڻ جي سگهه ھوندي ھئي ھن سدائين سچ جو سودو ڪيو، ڪوڙ کي اوڏو اچڻ نہ ڏنو ھن جي اندر ۾ ا...
سخي محمد جي ارباب الهجڙيي سان وڏي ويجھڙائپ ھوندي ھئي ارباب الهجڙئي سخي محمد کي بندوق تحفي طور ڏني ھئي ٿر جي وسيع ريگستان ۾ ھن جي واسطيداري جي مالها پروئيل ھوندي ھئي ھن پنھنجي ست راڄي توڙي ٻين راڄن ڀاڳن ۾ ڪيترن ئي ورهين کان رنج رسامن ۾ رهندڙن کي سرچائي ميٺ محبت ۾ ملايا سڱابندين جا تڪرار نبيري رشتيداريءَ ۾ ڳنڍيا ھن ڏي اي...
ايندي لٿي اڃ، پير ڀريندي ٺريا، منجهه ويئري سڃ، ڪر لڌي رڻ اُڪارئين
ائين راڄ ڀاڳ سان ڀلائيءَ جا پير ڀريندي سخي محمد ع ڌاري ھن فاني دُنيا کي الوداع ڪري ويو
صُبح سڱڙيون کڻي ويا وڄائي وير، ڏوريان ڏوريان نہ لھان تن بيراڳين بهير،
سخي محمد نھڙي جي وفات کان پوءِ سندس ڀائيٽي محمد رحيم نھڙي ڀوريلي جي راڄ ڀاڳ کي سنڀاليو راڄ ڀاڳ جي امن، مذھبي ھم آھنگي، برداشت، راڄ جي رکوالي، پيار ۽ پنھنجائپ جھڙن ڳڻن جي تسلسل ۾ پنھنجو اھم ڪردار ادا ڪيو محمد رحيم آدرشي اُستاد ۽ لوڪ شاعر بہ ھو محمد رحيم جي جيون خاڪي کي مُون پنھنجي ڪتاب ٿر ٿر اندر ٿاڪ ۾ تفصيلي چِٽيو آھي
محمد رحيم جي گهرواري گھرواري گهرواري امان سليمت نھڙي ع ۾ لڏي ويندڙ وينجهي راجپوت جا امانت طور ڏنل سونا زيور سنڀالي رکيا ۽ ع ۾ امان سليمت ۽ سندس پٽ محمد منٺار وينجهي جي وارثن کي پاسپورٽ ذريعي گهرائي گھرائي گهرائي امانت جا تولا سونا زيور انهيءَ ڪپڙي ۾ ٻڌل ڏنا، جنھن ڪپڙي ۾ وينجهي ھتان لڏڻ وقت امانت طور ڏنا ھئا
محمد رحيم جي وفات کان پوءِ محمد منٺار راجنيتي جي ذميواري نڀائي رهيو آھي محمد منٺار پنھنجي دور جو نامور اُستاد، سُگهڙ، سياڻو، لوڪ ڏاھپ جو ڄاڻو، راڄوند شخص آھي
سخي محمد جي پوٽن مانائتن اُستادن اڪبر علي، سخي محمد ثاني ۽ محمد منٺار سان ڪچھري ڪندي سخي محمد ۽ محمد رحيم جي ڪردار جو تذڪرو ضرور ٿيندو آھي اڪبر علي ھڪ ڀيري ڪچھري ڪندي چيو تہ، اسان جي خاندان جي پيڙهي در پيڙهي لوڪ ڏاھپ ۽ رواداريءَ جي ريت کي پنھنجي ساھ ۾ سمائي اڳتي وڌي آھي پر سخي محمد ۽ سندس ڀائيٽي محمد رحيم جي لوڪ ڏاھپ و...
وييون پَٻِ پَئي، کيرون کاھوڙَينِ جون، آءٌ تن ڏوٿِيَنِ جون پُڇان ڪيرُ پَھي،
حزب الله جي سربراھ حسن نصرالله جي سندس نياڻي زينب سميت بيروت ۾ اسرائيلي حملي ۾ شھادت جي تصديق ٿي وئي آھي ان حملي ۾ کان وڌيڪ ٻيا ماڻهو پڻ شھيد ٿي ويا آھن حزب الله طرفان سينيئر اڳواڻ نعيم قاسم کي ان لبناني مزاحمتي تنظيم جو عارضي سربراھ مقرر ڪيو ويو آھي اھي پڻ خبرون آھن تہ، ھاشم صفي الدين کي حزب الله جو سربراھ مقرر ڪرڻ جا...
گذريل جمعي واري ڏينھن اسرائيلي فوج بيروت ۾ حزب الله جي ڪوارٽر کي نشانو بڻايو، جتي حسن نصرالله سميت تنظيم جا ٻيا اڳواڻ پڻ موجود ھئا حزب الله لبنان جي فوج کان بہ وڌيڪ سَگهه رکندڙ تنظيم ھئي حسن نصرالله کي ع ۾ اسرائيل سان حزب الله جي جنگ کان پوءِ ورلي ڪو عوام جي وچ ۾ ڏٺو ويو ھو سال ع ۾ ھُو بيروت جي ڏاکڻي پسگردائيءَ ۾ ھڪ مذ...
حسن نصرالله آگسٽ ع تي بيروت جي غربت ماريل اُترئين ٻہراڙيءَ واري علائقي برج حمود ۾ پيدا ٿيو ھُو ھڪ ننڍڙي ڳوٺ بازوريا سان تعلق رکندڙ ھڪ ريزڪي دُڪاندار جي نَون ٻارن جي اولاد مان ھڪ ھو ھن عراق جي شھر نجف جي ھڪ مدرسي ۾ ٽن سالن تائين تعليم حاصل ڪئي ع ۾ کيس اُتان ڪڍيو ويو اُن کان پوءِ ھُو لبناني سياست ۾ ڀرپور طريقي سان شامل ٿ...
فواد شڪر کان سواءِ ايليٽ فورس جي سربراھ ابراھيم عقيل کي پڻ ھڪ حملي ۾ شھيد ڪيو ويو ابراھيم عقيل حزب الله جي ايليٽ رضوان فورس جو سربراھ ھو ان حملي ۾ ماڻهو مارجي ويا ھئا، جن مان گهڻا عام شھري ھئا فواد شڪر کان پوءِ حزب الله ۾ ابراھيم عقيل ٻئي نمبر تي اھم ڪمانڊر ھو رضوان فورس حزب الله جو سڀ کان طاقتور يونٽ آھي ابراھيم عقيل ...
ھُن ع ۾ اسرائيل ۽ حزب الله جي وچ ۾ قيدين جي مٽا سٽا واري معاملي ۾ تمام اھم ڪردار ادا ڪيو ۽ ان معاھدي کي عرب دنيا ۾ حزب الله ۽ حسن نصرالله جي فتح طور ڏٺو ويو ع ۾ لبنان جي وزير اعظم رفيق حريري جي قتل کان پوءِ حسن نصرالله ملڪ جي سياسي ڌڙن جي وچ ۾ ٽياڪڙيءَ جو ڪردار بہ بهتر نموني پورو ڪيو حسن نصرالله پنھنجي لبناني زال ۽ ٻار...
اين ايف سي تي نظرثاني ملڪي استحڪام جي قيمت تي؟
پاڪستان جي انتھائي ڪمزور، محتاج ۽ پارليامينٽ ۾ ووٽن جي چند ٿُوڻين تي بيٺل حڪومت، ارب ڊالرن جي قرض عيوض ھن ايٽمي طاقت ملڪ جي مالياتي اختيارن جون واڳون، لڳي ائين ٿو تہ، آءِ ايم ايف جي حوالي ڪري ڇڏيون آھن ۽ ھاڻي اھو ادارو ملڪ جي اھم انتظامي، ايتريقدر جو آئيني معاملن ۾ بہ مداخلت ڪرڻ لڳو آھي ذريعن جي حوالي سان ميڊيا ۾ اھي ش...
ان ۾ ڪو بہ شڪ ڪونهي تہ، عالمي مالياتي ادارا استحصالي ايجنڊا جي تڪميل ۽ ان تي عمل ڪرائيندا آھن ان لاءِ ڏُکيا شرط لاڳو ڪري ان ملڪ جي مالياتي اختيار جون مھارون سڌيءَ ريت پنھنجي وس ڪندا آھن يا وري پنھنجن گماشتن جي ھٿ وس ڪرڻ لاءِ دٻاءَ وجهندا آھن مالياتي انتظام لاءِ ماڻهو ٻاھران مقرر ڪندا آھن ڪي ملڪ ڊفالٽ ٿيڻ کي قبوليندا آھ...
جيڪڏھن وفاق کي خسارو گهٽ ڪرڻو آھي تہ، ارڙهين آئيني ترميم تحت اھي کاتا، جيڪي صوبن کي ڏنا ويا آھن ۽ وفاق غير آئيني طريقي سان مرڪز ۾ اھي متبادل کاتا قائم ڪري رکيا آھن، اھي ختم ڪرڻ سان خرچ گهٽجي ويندا ھن ملڪ جي اشرافيہ کي اڍائي سئو ارب رپين جون جيڪي مراعتون مليل آھن، اھي ختم ڪرڻ سان پڻ وفاق جي خساري جي کڏ گهڻي حد تائين ڀرج...
ڪاش جاويد جسڪاڻي ۽ آصف رضا پريمو ڪولھي جھڙا ٿي پون ھا
ابا منھنجي ڊاڪٽر جا جيرا ساڙي ڇڏيائون، اسان کي مُنھن ڏسڻ بہ نہ ڏنائون آئون گهٽين ۾ پيرين اگهاڙي ڊُڪندي رهيس، منھنجي شانو کي ساڙڻ کان بچايو ڳوٺ جي وڏيرن مون لاءِ پنھنجا دروازا بند ڪري ڇڏيا مائي رحمت ڊاڪٽر شاھنواز جي ماءُ ٻڌايو
جھانئيري، عمرڪوٽ جي امڙ جون اھڙيون آھُون سنڌ پوليس جي ڪاري ورديءَ ۾ موجود قاتلن جو پتو لڳائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويون آھن سنڌ پوليس جي ٻن ڊي آئي جيز ۽ ٻن ايس ايس پيز پاران پڌري ڪيل جاچ رپورٽ ۾ سنڌڙي ٿاڻي ميرپورخاص پوليس کي ڊاڪٽر جو قاتل قرار ڏنو ويو آھي گُلن جا ھار پائيندڙ ۽ گلابن جي ريڊ ڪارپيٽ تي ھلندڙن مان جنھن بہ سنڌڙي روڊ ...
مارڻ واري کان بچائڻ وارو وڏو ھوندو آھي ڪاش جاويد جسڪاڻي ۽ ھن جي ايس ايس پيز کي جي اھا ڳالھ سمجھ ۾ اچي وڃي ھا ھو الزام ۾ آيل ڊاڪٽر کي تحفظ فراھم ڪري قانون جي گُھرجن موجب الزامن جي جاچ ڪري انصاف جي در تي محفوظ نموني پھچائي اچن ھا تہ شايد اڄ پريمو ڪولھي جا ھٿ چمجڻ بدران پوليس جي ڄاڻايل آفيسرن جا ھٿ چميا وڃن ھا
جيڪڏھن تحفظ فراھم ڪرڻ وارا ۽ جاچ ڪرڻ وارا پاڻ ئي قاتل ٿي پون تہ پوءِ انهن کي مائي رحمت جھڙين مائرن جون آھُون ۽ دانھون ائين ئي پڌرو ڪنديون، جيئن ڊاڪٽر شاھنواز جي قتل واري ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ عمرڪوٽ ۽ ميرپور خاص پوليس پڌري ۽ بدنام ٿي آھي آئي جي سنڌ پوليس ۽ سنڌ جي گهرو گھرو گهرو کاتي جي صوبائي وزير ضياءَ الحسن لنجار حقيقت...
شھيد بينظير آباد جي ڊي آئي جي ڪيپٽن ر پرويز احمد چانڊيو، حيدرآباد جي ڊي آئي جي طارق رزاق ڌاريجو، بدين جي ايس يس پي شيراز نذير ۽ ٿرپارڪر جي ايس ايس پي شبير احمد سيٺار تي مشتمل جاچ ڪاميٽيءَ رپورٽ ۾ جيڪي شاھديون پيش ڪيون آھن انهن مطابق عمرڪوٽ پوليس ڊاڪٽر شاھنواز جي ڳولا موبائيل نمبرن تي ٽريس ڪرڻ سان ڪئي موبائيل لوڪيٽر بين...
مٿئين جاچ رپورٽ سينيئر پوليس آفيسرن جي مرتب ڪيل آھي انهن جي جاچ ۾ ڪٿي بہ ان موٽر سائيڪل جو ذڪر ناھي، نہ ئي ساٿيءَ جي گوليءَ ۾ ڊاڪٽر جي مارجڻ جو ذِڪر آھي جيڪا ايس ايڇ او سنڌڙي ڊاڪٽر خلاف داخل ايف آئي آر ۾ گهڙي انهيءَ ڪھاڻيءَ جو گهڙيندڙ ناول نگار ۽ شاعر پوليس آفيسر آھي يا وري اجرڪن ۽ ھارن جو وڃاڻ سنڌڙي ٿاڻي وارو ايس ايڇ ...
سول اسپتال عمرڪوٽ ۾ بطور سينيئر ميڊيڪل آفيسر گريڊ ارڙهين ۾ ڊيوٽي ڪندڙ سالن جي نوجوان ڊاڪٽر شاھنواز کي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ ماري گلاب لتاڙيندڙ پوليس آفيسرن، ڊاڪٽر جي لاش جي توھين ڪندڙن، لاش وارثن کان کسي انهيءَ کي باھ ڏيندڙن، عمرڪوٽ کي ٻن ڏينھن تائين پنھنجي وحشت ۽ جنون سان يرغمال بڻائيندڙن، سرڪاري پوليس موبائيل ساڙيندڙن،...
ڪاله عمرڪوٽ جو تعارف اڪبر بادشاھ جي جنم ڀومي وارو ھو، عبدالواحد آريسر، سائين عبدالرحمان جمالي، جي ايم ڀڳت، جمن دربدر ۽ حليم باغي جي نالي سان ھو پر معذرت سان سترهن سيپٽمبر ۽ اوڻيھين سيپٽمبر جي شام کانپوءِ عمرڪوٽ جو تعارف ھاڻي ڪجھہ ٻيو آھي
مُنھنجا يار اڄُ تنھنجي سارَ منھنجو سِينو سيڪي ڇڏيو آھي اکين جو سنڌُو تنھنجي ياد جي وير ڀاٽا ۾ اُٿلي پيو آھي ۽ تُون الئہ ڪٿي آھين؟ مون کي اڄُ بہ چِٽو ياد آھي، جڏھن تُون ننڍڙو ٻار ھُئين، تون پنھنجي ماءُ سان رُسندو ھُئين تہ پنھنجي پِيءُ وٽ ويندو ھُئين، ۽ پيءُ سان رُسندو ھُئين تہ ماءُ وٽ ويندو ھُئينڪڏھن توکي تُنھنجي ماءُ پ...
۽ توکي ياد آھي الئہ نهتُنھنجي گهر جي سامھون ھڪڙو گهر ھوندو ھو، جنھن کي ڪوبہ دَر نہ ھوندو ھو، جنھن ۾ آئون رهندو ھُئس تو جھڙو خُوبصورت ۽ ننڍڙو معصوم ٻار، جنھن کي ھرڪو وڙهندو ھو، بنان ڏوھ جي ماريندو ھو، چوري چڪاريءَ کان وٺي ھر بُرائي تائين جيڪا بہ واردات ٿيندي ھُئي، چوندا ھُئا پڪ سان ھِن ڪئي ھوندي، ڇاڪاڻ تہ مُنھنجو اوپراڙ...
يتيم، جيڪو مائٽن جي اک مان ڪِريل اُھو بدنصيب ڳوڙهو ھوندو آھي، جنھن کي اُگهڻ وارو ڪير بہ ناھي ھوندو يتيم، جيڪو زندہ ھوندو آھي، پر زندگي ناھي ھوندي يتيم، جنھن جو خُدا تہ ھوندو آھي، پر پالڻھار ناھي ھوندو يتيم، جنھن جون اکيون تہ ھونديون آھن، پر سُرمون وجهڻ وارا ھٿ ناھن ھوندا يتيم، جنھن جا وار تہ ھوندا آھن، پر تيل جي لپ لکي...
آئون ڪنھن ميلي ۾ ويندو ھئس تہ مون کي مٺائيءَ ۽ رانديڪا نہ وڻندا ھُئا مُنھنجيون اکيون ميلي جي ھجوم ۾ پنھنجي بابل جون آڱريون ڳوليندي ڳوليندي تڳوسر جي ترائي ٿي وينديون ھُيون مون کي ائين محسوس ٿيندو ھو ڄڻ آئون ميلي ۾ وڃائجي ويو آھيان ائين ئي تہ ھوآئون ھن دنيا جي ميلي ۾ وڃائجي ويو ھئسجنھن کي ڪير بہ ڳولڻ وارو نہ ھو عيد ايندي...
ٻين کي سُٺا ڪپڙا پاتل ڏسي، دل مُنھنجي بہ ڇِڪي کائيندي ھُئي، پر مُنھنجين خواھشن کي ٻُڌڻ وارا وجود خاڪ ۾ ملي ويا ھُئا تتيءَ ۾ پير منھنجا پڻ ٻاٻرن جيئن ٻرندا ھُئا، پر ڍنگ جي جُتي وٺي ڏيڻ وارا مائٽ مِٽيءَ جو کاڄُ بڻجي چُڪا ھُئا مٺائيءَ ۽ ڀُڄيا ڏسي وات منھنجو پڻ پاڻي ٿيندو ھو پر پاءُ اڌُ وٺي ڏيڻ وارو نہ پِيءُ ھو نہ ئي روئند...
يتيم جي آخري خواھش موت ئي ھوندو آھي، ۽ اڄُ آئون تمام گهڻو خوشُ آھيان جو منھنجي يتيم ڀيڻ مري ويئي آھي هڪ ڏُکن جو باب بند ٿي ويو آھي آئون پڻ ھاڻ ٿورو وقت ئي جيئندس، پر آسمان واري کي اھا ئي التجا ڪندس تہ ماڻهوءَ کان سڀ ڪُجهہه کسي وٺجانءِ پر ڪنھن کان ماءُ ۽ پيءُ نہ کسجانءِ مالڪ ڪنھن کي يتيم نہ ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ يتيميءَ ۾ ٻا...
شاھ سائينءَ جي سوال سان گڏ سائين ايم سيد جي حضور ۾
ٻپھر ڪچڙي ٽپھريءَ ڏانھن وڌي رهيا ھئا، جڏهن آئون سَنَ ۾ مرشد جي ايم سيد جي تربت تي پھتس ھتي اچڻ جو حُڪم مُرشد سائين شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ گذريل رات جي پوياڙيءَ ۾ اُن وقت ڏنو ھو، جڏهن آئون اُن جي خانقاھ تي حاضر ٿيو ھئس اُتي سائين سچل سرمست ۽ سامي سائينءَ سان بہ ملاقات ٿي ھئي مسافر طالبِ علم انهن مرشدن سان گهڻي ڪچھري ڪئي ...
مسافر طالب علم کي ھاڻي اھو سوال پنھنجي سياسي ۽ فڪري مُرشد جي حضور ۾ رکڻو ۽ جواب ڄاڻڻو ھو مرشد جي ايم سيد جي تربت تي عاجزيءَ سان سلام پيش ڪري تربت وٽ ويھي رهيس ڪجھه دير کان پوءِ مرشد جي آواز ذھن ۽ دل تي دستڪ ڏني مرشد چئي رهيو ھو اي منھنجا شھزادا مسافر، ملي آئين شاھ سائينءَ جي خانقاھ تي شاھه، سچل ۽ ساميءَ سان؟
جِي ھا مون عرض ڪيو پوءِ مرشد شاھ سائين جو سوال ان جي حضور ۾ رکندي عرض ڪيم تہ، مون کي اُميد آھي تہ، جنھن ريت پنھنجي زندگيءَ ۾ توھان مون طالب علم تي مھربان رهيا، اڄ بہ نہ صرف ان سوال جو جواب عنايت ڪندا پر طالب علم جي رهنمائي پڻ ڪندا
شاھ سائين جو سوال مرشد کي ٻڌائڻ کان پوءِ عرض ڪيم تہ، مرشد جيڪڏھن اجازت ھجي تہ، ھڪ ڳالهہ آئون بہ عرض ڪريان؟ ۽ پوءِ سندن اجازت سان عرض ڪيم تہ، مرشد توھان پنھنجي ھڪ ڪتاب جيئن ڏٺو آھي مون جي ارپنا ۾ لکيو ھو تہ، آئون پنھنجي اھا ڪاوش يگاني صوفي شاھ عنايت شھيد جي نام نامي ۽ اسم گرامي سان منسوب ڪريان ٿو، جنھن مذھبي تعصب خلاف ج...
جواب مليو بلڪل ارپنا لاءِ اھي ئي جملا لکيا ھئم پر شھزادا ان ارپنا جو حوالو ڏئي تون ڇا چوڻ يا پُڇڻ ٿو چاھين؟
عرض ڪيم مرشد توڙي جو توھان ان ڪتاب جي سال ع ۾ ترتيب ۽ تدوين مڪمل ڪئي شاھ سائين جي سوال ۾ موجود ٻہ واقعا ان کان اڳ ٿي چڪا ھئا طالب علم اھو سمجهڻ ٿو چاھي تہ، توھان جون شروعاتي تحريرن ۽ ڪُجهہه تقريرن ۾ شاھ عنايت شھيد جو جذباتي انداز ۾ ذڪر ملي ٿو توھان سال ع ۾ حيدرآباد ۾ ساڃاھ وندن کي خطاب ڪندي فرمايو ھو تہ، شاھ عنايت کان ...
مرشد جي زندگيءَ سان ڀرپور ٽہڪن سماعتن تي دستڪ ڏني ۽ پوءِ چوڻ لڳو هڪ ڀيرو نہ پر تواتر سان آئون ورھاڱي جي ٺھراءَ ۽ مسجد منزل گاھ تحريڪ جي معاملي سنڌو ماٿري جي واسين سان کليل دل سان معذرت ڪري چڪو آھيان جنھن ڪتاب جي ارپنا جو توھان حوالو ڏنو، ان ڪتاب ۾ پڻ مون سنڌ واسين کي جنونيت جي زھر کان بچائڻ لاءِ تفصيل سان پنھنجا ويچار ...
مون عرض ڪيو مرشد ڇا ورھاڱي وارو ٺھراءُ ۽ مسجد منزل گاھ واري تحريڪ سنڌو ماٿري ۽ سنڌ واسين کي جيڪي گهرا گھرا گهرا گهاءُ ڏنا، مذھبي سُڃاڻپن جي وٿي وڌي ان جو تدارڪ صرف معذرت سان ممڪن ھو؟
مرشد چوڻ لڳو هڪ تہ تون ڳالهائين گهڻو ٿو، ھونئن بہ اھا سُٺي ڳالهہ آھي، ماڻهوءَ کي ڳالهائيندو رهڻ گهرجي تہ، زندگيءَ جي گرمي برقرار رهندي آھي
عرض ڪيم مرشد ڇا صرف ڳالهائڻ سان ئي زندگيءَ جي گرمي برقرار رهندي آھي، پوءِ ماڻهو ڪجھه بہ کڻي ڳالهائي؟
مرُڪندي وراڻيائون هِي جيڪو اوچتو طالب علم جي اندر مان صحافي ٻاھر نڪري ايندو آھي اھا بہ ڀلي ڳالهہ آھي ماڻهو جيڪڏھن طالب علم رهي ۽ ان حيثيت ۾ ڳالهائي تہ اھو رهنمائي چاھيندو آھي پنھنجي دور جي شعور جي روشنيءَ ۾ سمجهڻ چاھيندو آھي ورھاڱي جي ٺھراءَ جي منطقي نتيجي سنڌو ماٿري ۽ سنڌين کي تدارڪ نہ ٿيڻ جوڳو نقصان پھچايو تلخ حقيقت ...
ھڪ مختصر وقفي کان پوءِ مرشد فرمايو شھزادا، ھونئن بہ آئون ھڪ ڳالهہ تي حيران آھيان تہ، سنڌ واسين پنھنجي گهرن ۾ شاھ جو رسالو ، پيغامِ شاھ لطيف ، جيئن ڏٺو آھي مون ، زنجيرن ۾ جڪڙيل قوم ۽ سنڌ جو آواز جي بدران موت جو منظر، راجا گڌ، مرڻ کان پوءِ ڇا ٿيندو ۽ تلوار ٽُٽي وئي جھڙا ڪتاب آخر ڇو ڀري ڇڏيا آھن؟ سنڌين جي نئين ٽہيءَ پيغام...
ڪجھه گهڙين جي ماٺار کان پوءِ مرشد جو آواز ٻُڌڻ ۾ آيو شھزادا، ڇا مُون سڄي عمر جنونيت جي جبر ۽ ان مان جنم وٺندڙ خرابين تي ناھي ڳالهايو؟ ڇا مون سنڌ واسين کي اھو ناھي چيو تہ، توھان جي اصل شناخت سنڌ آھي سنڌو ماٿري، سنڌو ندي، پنھنجي ثقافت، تهذيب ۽ تمدن آھي توھان جو فڪري اثاثو شاھ لطيف، سچل ۽ ساميءَ جي شاعري آھي ان فڪري اثاثي...
مون عرض ڪيو تہ، مرشد، توھان صحيح پيا فرمايو پر ھن وقت صرف سنڌ ئي نہ پر سڄي سنڌو ماٿري فڪر، شناخت ۽ تهذيب جي بحران ۾ ڦاٿل آھي ورھاڱي اسان کي پنھنجي اصل کان ڪٽي جنھن رُخ ۾ ھَڪليو، ان رخ ۾ تہ گهريون گھريون گهريون گهريون گھريون گهريون کاھيون آھن يا تپندڙ صحرا ھاڻي تہ اھو ٿو لڳي تہ اسان ھڪ بنجر سماج ۾ جِي رهيا آھيون
مرشد سائين چوڻ لڳو شھزادا، ورھاڱي جي ڪُک مان جنم وٺندڙ عذابن ۽ بربادين کان ڪنھن کي بہ انڪار ڪونهي، البتہ منھنجي راءِ اھا آھي ته ھاڻي ان جو ماتم ڪندو رهڻ کان بهتر آھي تہ ھر شخص پنھنجي پنھنجي وس ۽ وت آھر اھڙي انساني سماج جي تشڪيل لاءِ جدوجھد ڪري، جيڪو تعصب، متڀيد، اقربا پروري، عدم مساوات ۽ ناانصافين کان محفوظ ھجي ۽ شرفِ ...
عرض ڪيم مرشد سائين ڇا پنھنجي تاريخ تي شرمندہ ۽ پرائي تاريخ تي گهمنڊ ڪندڙن جي عصري شعور جي رهنمائي ممڪن آھي؟
چوڻ لڳا ناممڪن ڪجھه بہ ناھي ھوندو انسان تہ چنڊ تي پھچي ويو ھن زمين جا واسي حق شناسي ۾ دير ضرور ڪري رهيا آھن، پر ياد رکو تہ نيٺ انهن کي ھڪ ڏينھن پنھنجي اصل جي طرف موٽڻو پوندو
مرشد جي ارشادات جي نعمتن سان مسافر طالب علم پلئہ ۽ پاند ڀريندو رهيو تہ اوچتو مرشد سائين فرمايو شھزادا، شام جي پوياڙي آھي تنھنجو سفر بہ ڊگهو آھي، ھڪ ٻي ڳالهه، سا اھا تہ، جيڪي ماڻهو غلطي ڪري ان تي فخر ڪندا آھن، اُھي دُنيا کي جھنم بڻائي ڇڏيندا آھن انسانيت جو پھريون سبق اھو آھي تہ، غلطي ڪجي تہ، کليل نموني ان جو اعتراف ڪندي...
مرشد جي ڳالهہ پوري ٿي تہ، مون اجازت ورتي، سندن تربت وٽان اُٿيس ۽ واپسيءَ لاءِ روانو ٿي ويس
ڪنٺي جو ڪردار اُستاد حاجي محمد ماکن راھمون ڀارومل امراڻي سوٽہڙ
حاجي محمد ماکن راھمون ٿر جي انهن ڪردارن منجھان آھي جن وٽ وطن جي مٽي ۽ وچن جي ساک سڀ ڪجھه ھوندا ھئا جن کي چونئري ۾ ٻرندڙ ڏيئي جي روشنيءَ ۾ ساري ڪائنات ڀٽن جو ڀرم لڳندي ھئي جيڪي ٿر جي لاءِ سوچيندي ۽ لوچيندي بي اختيار چپن تي آڻيندا ھئا تہ، ڀٽون مئي جون ڀينرون ، جن ٿر جي سياست ۾ نظرين ۽ خدمتن جي جاءِ تي ڏوڪڙن جو سينڌور سما...
ٿر جي طبعي ڀاڱي ڪنٺي جي وڏي راڄ تڙ دوس ۾ محمد سالار راھمي جي گهر ۾ مئي ع تي جنم وٺندڙ حاجي محمد ماکن راھمي کي پنھنجي ڳوٺ جو پھرين استاد مقرر ٿيڻ جو اعزاز حاصل ھو حاجي محمد ماکن پرائمري تعليم جا ٻہ ابتدائي درجا ڳوٺ ساڪريو ۾ مولوي محمد سليمان نھڙي وٽان پڙهي ڳوٺ ٻلھاري ۾ حافظ امام دين جي مدرسي ۾ داخل ٿيو، جتان ديني تعليم ...
حاجي محمد ماکن سچل جنجهي جي ساکيلي قافلي ۾ شامل ٿي پوري ڄمار علم جون جهوليون ڀري ورھائيندو رهيو حاجي محمد ماکن پنھنجي اباڻي ڳوٺ جي اسڪول، ڪروڙو سما ۽ ٻين ڳوٺن جي اسڪولن ۾ نوڪري دوران خدمتون سرانجام ڏنيون رٽائرمينٽ کان پوءِ بہ پنھنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ رضاڪارانہ پڙهائيندو رهيو حاجي محمد ماکن شاگردن کي چوندو ھو تہ علم تجربي،...
ھن ھڪ استاد جي حيثيت ۾ نہ صرف ماڻهو جي اندروني ڪائنات جو احترام سيکاريو، پر اخلاقي قوت سان مالا مال روحاني طور بلند ٿيڻ جو درس پڻ ڏنو اصلاحي ۽ تعميري سوچ سان نئين نسل جي تربيت ڪندي ھن جي اندر ۾ تمنا ڪر موڙيندي ھئي تہ اسان جو نئون نسل علمي سماجي، ۽ سياسي ميدان ۾ پاڻ ملهائي نئين نسل کي لطيف سائين جي لفظن ۾ سجاڳي چوندو ھو...
ھل تہ ھيڪاندي ٿئين، ويھي وجهه م وير، دل ۾ آڻ م تون ڦرڻ سندو ڦير،
ماڻهو ڳالھين ۾ بہ ڦٽي وجهندا آھن پر حاجي محمد ماکن جي ٻولي مٺڙي ۽ ٻاجهه ڀري ھوندي ھئي ھن کي ٻڌندي ٻڌندڙ جي دل پئي چوندي ھئي تہ حاجي ويٺو ڀل ڳالهائي پر ھُو پنھنجي ڪچھري دوران ڳالهہ ڳالهہ مان موقعو فراھم ڪري ڏيندو ھو تہ، ٻڌندڙ ڳالهائي ڪنھن بہ ريت عام ماڻهو جي اندر ۾ ڳالهائڻ جي سگهه پيدا ٿئي پيڙهيل ماڻهن کي ڳالهائڻ جي لاء...
ٿر جھڙي پر امن خطي ۾ ڏاڍن جي ڏمر، دھشت ۽ دادگيري تي ھن جو اندر اڌ ٿي پوندو ھو، ھزارين حسرتن ڀريل سوالن سان ڪنٺي جي ڪنڊ تان بيھي لوڪ ڏاھپ جي ڏيا سان عام ماڻهو جي سوچن ۾ ولوڙ وجهڻ جي جستجو ڪندو ھو تہ، انسان ھٿان انسان جي اقتصادي، سياسي، سماجي ۽ ثقافتي ڦرلٽ ڇو ٿي رهي آھي؟ مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن کي پرماريت جي پنجوڙ ۾ ڇو ڦاساي...
ڪونڀٽن جي پريان ٻيريون جاڱريون، ٻير ڳاڙها تہ ڏس چھچ ٽاريءَ مٿان،
عشق ٿر جي ڀٽن سان ڪيئي راشدا لاھ ڏک سور ڌرتي ڏکاري مٿان،
حاجي محمد ماکن راھمي جو مامو عبدالصمد لوڪ ڏاھپ جو ڄاڻو ھو لوڪ ڏاھپ جي ڏيا سان راڄ ڀاڳ جا فيصلا نبيريندو ھو، حاجي محمد ماکن کي پنھنجي مامي کان فيصلن کي نبيرڻ جي ونڊ ملي پر ھن راڄ ڀاڳ جي روايتي راڄنيتي ۾ تبديلي آڻي ڳوٺاڻي سطح تي حل نہ ٿيندڙ معاملن کي قانون جي روشني ۾ حل ڪرائڻ جي لاءِ بہ وک وڌائي مظلومن مسڪينن ۽ بي پھچ ان...
حاجي محمد ماکن کي جيترو ٿر جي سياسي، سماجي، ثقافتي ۽ تاريخ جي لاھن چاڙهن تي ڳالهائڻ ايندو ھو، اوترو ئي ھن وٽ ٿر جي مارڪيٽ، اڪانامي جي موقعن ۽ خطرن بابت مواد ھوندو ھو ڏور ڪنٺي جي ڪنڌي تي ويٺل پرائمري استاد پنھنجي لوڪ ڏاھپ جي بنياد تي گهڻو اڳ ۾ لوڙھي، واڙي وٿاڻ، جڙ ۽ سيڙهي تان وڙهندڙ ماڻهن کي سمجھائڻ شروع ڪيو ھو تہ ايندڙ...
حاجي محمد ماکن راھمون نوجواني ۾ ڪڏهن ترڪي تہ ڪڏهن جناح ٽوپي پائيندو ھو پر پوءِ ھن پوري ڄمار سفيد پٽڪو ٻڌو ھن حاجي محمد ماکن راھمي جي اندر ۾ ڪڏهن غرور پيدا نہ ٿيو، نہ وري ڪڏهن ھن ٺٺ ٺانگر کي اپنايو سدائين سگهڙن سياڻن ۽ لطيف جي پارکوئن سان ڪچھري ڪندي سادي زندگي گذاري حاجي محمد ماکن کي ٿر جي لوڪ ادب جي گفتن، قصن ڪھاڻين، ڳ...
سنڌ جي تڪراري پر تيز دماغ واري انسان پنھنجي آتم ڪھاڻي اھي ڏينھن اھي شينھن ۾ ان تشويش جي تفصيل سان تذڪرو ڪيو آھي، جيڪا مسلم ليگ سنڌ جي حلقن ۾ شدت سان محسوس ڪئي ويندي ھئي پير علي احمد راشديءَ لکيو آھي تہ، يوسف ھارون بہ پريشان ھوندو ھو تہ، قائد اعظم محمد علي جناح تائين سنڌ جو مخصوص ڪيس ڪيئن پيش ڪجي؟ ان سلسلي ۾ ھڪ ڀيري ايئ...
مسلم ليگ جي مرڪزي قيادت کان وٺي ملڪ جي مرڪز تائين پاڪستان ٺھڻ کان اڳ ۽ پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ سنڌ جي سُورن جو سفر اڃان تائين اھا منزل نہ ماڻي سگهيو آھي، جتي مسافرن جي پيرن جي پيڙا ختم ٿي ويندي آھي
سنڌ ۾ ھڪ سُريلو ۽ موھيندڙ ماڻهو جي ايم مھڪري بہ ھو ھُو انگريزيءَ ۾ ڪالم لکندو ھو ھن جي ڪالمن ۾ شيڪسپيئر جي ناٽڪن جا حوالا عام جام ھوندا ھئا ھُو جنرل ضياءَ جي آمريت ۾ بہ پوري شدت سان انساني آزادين ۽ عورتن جي حقن تي لکندو ھو ھڪ ڀيري شايد براھيم جويو جي اصرار تي ھن جي سري ھيٺ ھڪ ڪتابچو لکيو ھو جيڪڏھن اڄ بہ ان لکڻيءَ کي پڙ...
حال امداد جو پڇو ٿا ڇا اڄ مڙئي سور ڪجھہ سوايو آ
وقت سان گڏ سنڌ جا سور گهٽجڻ بدران مسلسل وڌيا آھن ڪڏھن ڪڏھن تہ ائين محسوس ٿيندو آھي تہ ڄڻ لطيف سنڌ جي سورن کي سسئي جي روپ سروپ ۾ پيش ڪيو ھجي ڇو تہ جيڪي سور شاھ جي ٻين سورمين جي مقدر جو حصو بڻيا، انهن جو ڪاٿو ۽ انهن جي ڪيفيت اھڙي نہ ھئي، جھڙي سسئي سان سلهاڙجي ويل سورن جي ھئي سسئي کي لطيف ائين پيش ڪيو آھي ڄڻ سسئي ڪا عورت ...
سرجيس تان سور، سامائي تان سک ويا سور م ڏئي ڌوڻ، آئين اڳيئي ڪانہ ي
سورن اسان ساڻ ننڍي لاڪون نيھن ڪيو ھڪ سسئي ٻيا سور، ويا پٽيندا پاڻ ۾
اھي سٽون اھڙيون ٻيون سوين سٽون لطيف سسئي جي حوالي سان ائين سرجيون آھن، جيئن ھو ھڪ عورت جي ڪردار جي ڳالھ نہ ڪندو ھجي پر پنھنجي ڌرتي ۽ پنھجي ديس جي دکن جي ڪٿا بيان ڪندو ھجي
اھا حقيقت آھي تہ لطيف ڪڏھن بہ سنڌ جو صاف ۽ الڳ ٿلڳ سياسي ۽ سماجي حوالي سان ان طرح نالو کڻي ڪو ذڪر نہ ڪيو آھي، جيئن بعد ۾ لطيف کي سنڌ جي دردن جي ترجمان جي حوالي سان پيش ڪيو ويو جيئن سائين جي ايم سيد پنھنجي ڪتاب پيغام لطيف ليکو آھي ۽ جيئن رسول بخش پليجو پنھنجن ليڪچرن ۽ تقريرن ۾ بار بار بيان ڪندو ھو اھو سچ آھي تہ لطيف ڪڏھ...
سسئيءَ جو سمورو ڪردار جھڙي طرح لطيف جي مجموعي بيتن ۾ منتشر صورت نظر اچي ٿو، اھو ڄڻ تہ ڌرتيءَ جو روپ آھي سسئيءَ جو مک ڌرتيءَ جو مک آھي ۽ سسئيءَ جو دک ڌرتيءَ جو دک آھي ڌرتي جيڪا سنڌ آھي سنڌ جيڪا سسئي آھي سسئي جيڪا سُڏڪو آھي اھا سسئي جنھن سان دوکو بہ ٿيو ھجي جنھن جو حق بہ کسيو ويو ھجي جنھن جي ور کي ھن وقت بہ مسنگ پرسنس اس...
آڌي رات ابوءِ ھاڙهو ھوت ٽپي ھليا پرہ نہ ڦٽي پوءِ
سنڌ مٿان سازش ۽ جبر جي اھا سياہ ۽ ڪاري رات اڄ بہ تاڻيل آھي جھڙي ريت قرت العين حيدر پنھنجي سدا حيات ناول آگ ڪا دريا جو مرڪزي خيال اھو پيش ڪيو آھي تہ جڳ مٽجن ٿا وقت جو وھڪرو واٽون مٽائي ٿو پر ڪجھہ ڪردارن جا مقدر تبديل نہ ٿا ٿين
سنڌ گوندر جي ول ۾ وڪوڙيل اھا منتظر مورت آھي، جنھن کي لطيف سسئيءَ جي صورت ۾ پيش ڪرڻ جي خوبصورت ۽ تمام ڪامياب ڪوشش ڪئي آھي
لطيف لکيو آھي تہ، سسئي ۽ سور ويا پٽيندا پاڻ ۾ ساڳي طرح سان سنڌ ۽ سورن جو ساٿ نيٺ ڪٿي ڇيھ ڪندو؟ اھو وقت ڪڏھن ايندو جو سنڌ بہ سسئيءَ وانگر اھو چئي سگهندي ته
تن سورن جي شاباس، جنين مونسين گهاريو جانسين ھاس جبل ۾، تان ھئا منھنجي پاس
سو سنڌ جا سور وري ويندا سنڌ جي سورن جو انت ڪڏھن ايندو؟ ان سوال جو جواب اسان کي نہ ڪنھن نجوميءَ ڏنو آھي ۽ نہ اسان ڪنھن جوڳيءَ کان پڇيو آھي تہ ھو ڍارو ھڻي ٻڌائي تہ سنڌ جي سورن جو ڇيھ ڪڏھن ٿيندو؟ اسان ڪنھن نجوميءَ کان پڇون تہ ڇا پڇون؟ جڏھن تہ اسان جو پنھنجو ملڪ، اھو پاڪستان جنھن جي جوڙجڪ جو بنياد سنڌ فراھم ڪيو ان اسان جي ...
لطيف لکيو آ پاڙي ناھي پروڙه، تہ ڪا رات رنجائي گذري؟
اسان جو پنھنجو ملڪ، اسان جو پيارو پاڪستان اسان جي لاءِ امڙ جي آغوش ٿيڻ بدران ھڪ اھڙو پاڙو بڻجي ويو آھي، جنھن کي ڪا پروڙ ئي ناھي تہ سنڌ ۾ ڪنھن جي ڪٽنب جي زندگي زھر جو پيالو ڪيئن ٿي بڻجي وڃي؟ ڪا پريا ڪماري ڪيئن ٿي کنڀجي وڃي؟ ڪو ناظم جوکيو ڪيئن ٿو قتل ڪيو وڃي ڪنھن صحافيءَ جي ماٺ ڪرائڻ لاءِ کيس موت جي ھنج ۾ اڇلائي، ان جي م...
ھڪ طرف عورتن جي عظمتن جا گيت ڳايا وڃن ٿا ۽ انهن جي روشن مستقبل لاءِ مھڪندڙ ھوٽلن ۾ سيمينار منعقد ڪيا وڃن ٿا ۽ ان وقت ڪھڙي ريت سنڌ جي ڪنھن شھر ۾ ڪجھہ روپين لاءِ اس ۾ اڀي پير بيٺل عورتون ڪھڙي ريت رڙيون ۽ رانڀاٽ ڪن ٿيون؟ ڪھڙي طرح انهن جي تڪليف جو سياسي فائدو حاصل ڪيو وڃي ٿو؟ ڪھڙي ريت عدالتن ۾ ڪارا ڪوٽ ۽ ڪارا جبا ڏسي ھيسيل...
سنڌ کي سياسي طور ساڻو ڪري ڪھڙي ريت پاڻيءَ مٿان منظم ۽ قانوني ڌاڙا ھڻڻ جو قانون سازشون پنھنجي ناپاڪ پير وڌائين ٿيون؟ سنڌ ۾ مستقل طور تي زمينون مخصوص انداز سان اقتدار جي قيمت طور مخصوص ڌرين حوالي ڪيون وڃن ٿيون ۽ سڀ کان اھم ڳالھ تہ سنڌ جي سرڪش ۽ سچي آواز کي گهوگهي سنڌ کي گونگو ڪرڻ جي لاءِ جيڪي جتن ڪيا پيا وڃن، انهن جي ڪيف...
سنڌ، سورن ۾ ساماڻيل سنڌ ۽ پورن ھٿان پاليل سنڌ ھن وقت ھڪ اھڙي فرياد بڻجي وئي آھي، جنھن کي ٻڌڻ جو ڪنھن اسلام آباد ۽ ان جي آس پاس ڪنھن کي فڪر ناھي جھڙي ريت پھرين مھاڀاري جنگ جي سورن کي بيان ڪرڻ لاءِ جرمن اديب ايرڪ ماريا مغربي محاذ تي سڀ مست آھي، لکيو ھو تھڙي طرح اسلام آباد ۽ پنڊي جي ڏکڻ جي پوندڙ ۽ ڏکن ۾ ڏرندڙ سنڌ جي سلسلي...
سنڌ ۾ سک ناھي سنڌ ۾ ڏک آھي سنڌ ۾ بک آھي سنڌ ۾ بدامني آھي سنڌ ۾ بي انصافي آھي سنڌ ۾ ڪرپشن آھي سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني ناھي سنڌ ۾ تعليم، تھذيب، صحت تہ پر پيئڻ جي لاءِ صاف پاڻي بہ ناھي ۽ اسلام آباد کي اطلاع اھي پيا ڏنا وڃن تہ سنڌ ۾ ڪو سور ڪو پور ناھي جڏھن تہ سنڌ سراپا سور آھي اھڙو سور جھڙو ٽٽل در ۽ جبر سان ماريل ور جو ھوند...
ھڪ جپسي ڪالم ھڪ نئين ۽ خوفناڪ سڃاڻپ حبيب ساجد
مولانا ابوالڪلام آزاد ھڪ عجيب ماڻهو ۽ ڪمال جو مفڪر ھو، ھُو پنھنجي سچ ڳالهائڻ واري عادت جي ڪري ڏاڍو ياد ڪيو ويندو آھي، ھن پاڪستان جي قائم ٿيڻ کان ھڪ سال اڳ ۾ يعني ۾ ڪجھہ پيشنگوئيون ڪيون ھيون، جيڪي من و عن صحيح ثابت ٿيون آھن ھن جون اڳڪٿيون ھيٺ ڏجن ٿيون
مولانا آزاد جو خيال ھو تہ پاڪستان ٺھڻ سان ھندن ۽ مسلمانن وچ ۾ فرقيواراڻي ڇڪتاڻ ۽ تشدد ۾ اضافو ٿيندو ۽ وقت جون حڪومتون انهن مذھبي اختلافن کي حل ڪرڻ تہ پري جي ڳالھ، ھُو انهيءَ باھ کي ڦوڪي ڦوڪي مچائڻ جو ڪم ڪنديون ۽ بلڪل ايئن ئي ٿيو جي تقسيم جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي فرقيواراڻي تشدد جنم ورتو، جنھن جي نتيجي ۾ لکين ماڻهو مارج...
مولانا آزاد جو خيال ھو تہ پاڪستان کي پنھنجي نئين ٺاھيل رياست اندر مختلف قسم جي مذھبي ڌڙن وچ ۾ سياسي عدم استحڪام ۽ اقتدار جي حاصلات جي لاءِ ڇتي جدوجھد جو منھن ڏسڻو پوندو ۽ بلڪل ايئن ئي ٿيو پاڪستان پنھنجي شروعاتي عرصي ۾ ئي عدم استحڪام جو شڪار ٿي ويو، جنھن جي نتيجي ۾ فوجي بغاوتون برپا ٿيون، کوڙ سارا سياسي قتل ڪيا ويا ۽ ان...
مولانا آزاد ان خيال جو ھو ۽ ھن صاف لفظن ۾ خبردار بہ ڪيو ھو تہ پاڪستان کي وسيلن جي تقسيم ۽ تجارت توڙي زراعت جي غيرمنصفاڻي ورڇ جي اثرن جي ڪري شديد معاشي مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پوندو ۽ پاڪستان کي اڄ بہ معاشي مشڪلاتن جو مسئلو آھي، جنھن ۾ وسيلن جي تقسيم، ھندستان سان تجارت ۽ داخلي معاشي عدم مساوات وڏا ۽ حل طلب مسئلا آھن
مولانا آزاد آباديءَ جي وڏي پئماني تي نقل مڪانيءَ جي خدشي جو اظھار ڪيو ھو، جنھن سان خوفناڪ انساني الميہ جنم وٺندا، ڇو تہ ماڻهو ڪوشش ڪري پنھنجي مذھبي اثر رسوخ وارن علائقن ۾ آباد ٿيڻ کي ترجيح ڏيندا ۽ بلڪل ايئن ئي ٿيو، تقسيم کان پوءِ تاريخ پنھنجي نموني جي ھڪ عجيب ۽ خوفناڪ نقل مڪانيءَ جو تجربو ڪيو، جنھن ۾ ٻنهي پاسن کان لکين...
End of preview. Expand in Data Studio

Sindhi Corpus 505M

The largest open-source, deduplicated Sindhi language pretraining corpus.

~505 million tokens across 742K documents, covering news, literature, legal, religious, encyclopedic, and web-crawled Sindhi text. Built for training Sindhi language models, tokenizers, and NLP tools.

Dataset Summary

Stat Value
Documents ~742,000
Tokens (estimated) ~505 million
Language Sindhi (sd) — Arabic script
Format Parquet (single text column)
License Apache 2.0
Curator Aakash Meghwar

How to Use

from datasets import load_dataset

# Full dataset
ds = load_dataset("aakashMeghwar01/sindhi-corpus-505m", split="train")
print(ds[0]["text"][:200])

# Streaming (recommended for Colab/Kaggle)
ds = load_dataset("aakashMeghwar01/sindhi-corpus-505m", split="train", streaming=True)
for example in ds:
    print(example["text"][:200])
    break

Source Datasets

This corpus was compiled from 11 publicly available Sindhi datasets spanning diverse genres:

# Source Type URL
1 AMBILE Sindhi Mega Corpus Mixed (news, web, literature) Kaggle
2 CC100-Sindhi Web crawl (Common Crawl) Metatext
3 Daily Kawish Articles Newspaper articles Kaggle
4 Sindhi News — Awami Awaz News articles Kaggle
5 Sindhi News — Sindh Express News articles Kaggle
6 Encyclopedia Sindhiana Encyclopedic articles Kaggle
7 Sindhi Legal Dataset Legal documents Kaggle
8 Sindhi Religious Data Religious texts Kaggle
9 Sindhi Language Corpus Mixed Kaggle
10 Sindhi Stopwords Linguistic resource Kaggle
11 Zenodo Sindhi Dataset Mixed Zenodo

Data Collection & Processing Pipeline

The corpus was assembled through a multi-stage pipeline:

Stage 1: Collection

Raw text was extracted from all 11 sources. CSV files were parsed with automatic column detection (looking for text, content, article columns). TXT files were split on paragraph boundaries. All text was read as UTF-8.

Stage 2: Normalization

  • Unicode NFC normalization to canonicalize Arabic-script characters
  • Encoding repair via ftfy (fixes mojibake and broken encodings)
  • Character variant unification: Arabic Yeh → Farsi Yeh, Arabic Kaf → Keheh, Arabic Heh → Heh Goal (standard Sindhi forms)
  • URL and email removal
  • HTML tag stripping
  • Whitespace normalization

Stage 3: Quality Filtering

Documents were filtered based on:

  • Minimum length: 50 characters (removes fragments)
  • Maximum length: 100,000 characters (removes data dumps)
  • Sindhi script ratio: At least 30% of non-space characters must be Arabic-script (removes code-mixed noise, English-only documents)
  • Repetition check: Documents with <10% unique characters rejected (catches OCR errors, repetitive noise)

Stage 4: Deduplication

Two-stage deduplication to remove near-identical documents:

  1. Exact dedup: MD5 hash of full document text
  2. Near-duplicate detection: MinHash LSH with 128 hash functions, 5-word shingles, Jaccard threshold 0.85

Stage 5: Final Assembly

  • Documents shuffled randomly
  • Exported as Parquet with a single text column
  • Pushed to HuggingFace Hub

Processing Tools

  • pandas for CSV/data handling
  • ftfy for encoding repair
  • datasketch (MinHash LSH) for near-duplicate detection
  • unicodedata for Unicode normalization
  • Custom SindhiTextProcessor class with Sindhi-specific regex patterns

Dataset Composition

The corpus covers diverse domains to ensure broad linguistic coverage:

Domain Sources Coverage
News Daily Kawish, Awami Awaz, Sindh Express Current affairs, politics, sports, editorials
Encyclopedia Encyclopedia Sindhiana History, culture, geography, biography
Web Crawl CC100-Sindhi Diverse web text, blogs, forums
Legal Sindhi Legal Dataset Legal documents, court proceedings
Religious Sindhi Religious Data Religious texts and commentary
Mixed AMBILE Mega Corpus, Sindhi Language Corpus, Zenodo Literature, academic, general

Intended Use

This corpus is designed for:

  • Pretraining Sindhi language models (GPT, BERT, etc.)
  • Tokenizer training (BPE, Unigram, SentencePiece)
  • NLP tool development (stemmer evaluation, stopword extraction, morphological analysis)
  • Linguistic research on Sindhi text

Models Trained on This Corpus

Model Type Params Link
SindhiLM GPT-2 from scratch 37.8M HF
SindhiLM-Qwen-0.5B Qwen2.5-0.5B fine-tune 0.5B HF
SindhiLM-Qwen-0.5B-v2 Qwen2.5-0.5B SFT 0.5B HF
SindhiLM-Tokenizer-v2 Morpheme-aware BPE HF

Associated Tools

Tool Description Link
SindhiNLTK Morphology-aware NLP toolkit for Sindhi PyPI · GitHub

Tokenized Version

A pre-tokenized version of this corpus is also available:

Limitations & Biases

  • News-heavy: Newspaper sources (Kawish, Awami Awaz, Sindh Express) form a significant portion, which may bias toward formal journalistic Sindhi.
  • Script variants: Despite normalization, some character variant inconsistencies may remain in web-crawled text.
  • Temporal bias: News articles are concentrated around their publication dates; no uniform temporal sampling was applied.
  • Deduplication residual: Near-duplicate detection at threshold 0.85 may leave some paraphrased duplicates.

Citation

@dataset{meghwar2026sindhi505m,
  author    = {Aakash Meghwar},
  title     = {Sindhi Corpus 505M: A Deduplicated Pretraining Dataset for Sindhi},
  year      = {2026},
  publisher = {Hugging Face},
  url       = {https://huggingface.co/datasets/aakashMeghwar01/sindhi-corpus-505m}
}

Contact

Aakash Meghwar — Computational Linguist

Downloads last month
96

Space using aakashMeghwar01/sindhi-corpus-505m 1