Dataset Viewer
Auto-converted to Parquet Duplicate
Headline
stringlengths
25
110
News Text
stringlengths
170
10.4k
سينيئر صحافي محمد حنيف ماڃوٺي لاڏاڻو ڪري ويو
سينيئر صحافي محمد حنيف ماڃوٺي لاڏاڻو ڪري ويو، سينيئر صحافي محمد حنيف ماڃوٺي گذريل ٻن سالن کان گڙدن جي تڪليف سبب علاج ھيٺ ھو، حنيف ماڃوٺي جو علاج ايس آءِ يو ٽي ۾ ڊائلاسز ۽ علاج ھلندڙ ھو، سومر جي رات جو دير سان حنيف ماڃوٺي پنھنجا پساهه پورا ڪري وڃي خالق حقيقي سان مليو، سندس جنازي نماز ٻڪرا پڙي جي مدينه مسجد ۾ ادا ڪئي وئي...
ملٽري مائينڊ سيٽ ۽ عدليا کي به ٺيڪ ڪرڻو آهي: آصف زرداري
اڳوڻي صدر ۽ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان هڪ ملڪ آهي، ڪا پبلڪ لميٽيڊ ڪمپني نه آهيون جو ڏيوالو نڪرندو، جاپان 10 ڀيرا ڊفالٽ ٿيو ۽ واپس آيو، جيئن پوري قوم کي ٺيڪ ڪرڻو ۽ سنڀالڻو آهي، تيئن ملٽري مائينڊ سيٽ کي سنڀالڻو آهي اهڙي ريت عدالت کي به سنڀالڻو ۽ ساڻن ڳالهائڻو آهي، عدليا سميت ملڪ جي هر ا...
بولان ۾ بلوچستان ڪانسٽيبلري جي ٽرڪ تي آپگهاتي حملو، 9 اهلڪار شهيد، 13 زخمي
بلوچستان جي علائقي بولان ۾ خودڪش بمبار بلوچستان ڪانسٽيبلري جي ٽرڪ تي ڌماڪو ڪري ڏنو، جنهن جي نتيجي ۾ 9 اهلڪار شهيد ٿي ويا ۽ 13 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، جن مان ٽن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي. نصيرآباد ڊويزن جي ڪمشنر بشير احمد بنگلزئي بي بي سي کي ٻڌايو ته ڌماڪي جو نشانو بڻيل گاڏي سبي کان ڪوئيٽا ڏانهن وڃي رهي هئي، ان ...
عمران جي بزدلي ۾ حڪومت جو فائدو آهي، اڃا ڊوڙڻ ڏيوس:خواجا آصف
نواز ليگ جي اڳواڻ ۽ بچا واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ کان بهتر آهي ته کيس ائين ئي ڊوڙايو وڃي، پي ٽي آ چيئرمين جي سياسي بزدلي ڏيکارڻ ۾ ته حڪومت جو ئي فائدو آهي، گذريل ڏينهن سڄي قوم عمران خان جي بزدلي ڏسي ورتي. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته عمران گرفتاري جي ڊپ کان لڪي رهيو هو...
سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته ڊجيٽل آدمشماري شفاف طريقي سان ٿئي:شرجيل ميمڻ
سنڌ جي اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته صاف ۽ شفاف طريقي سان ڊجيٽل آدمشماري جو عمل ٿئي ۽ ڪنهن جماعت يا گروپ کي ان تي ڪوبه اعتراض نه هجي. هن چيو ته سنڌ اسيمبلي اڄ قرارداد پڻ منظور ڪئي آهي ته ڊيجيٽل آدم شماري شفاف طريقي سان ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ ا...
سنڌ اسيمبلي ۾ ڊجيٽل آدمشماري خلاف ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور
سنڌ اسيمبلي سومر تي پنهنجي اجلاس ۾ ڊجيٽل آدمشماري تي سنڌ جي سخت خدشن جي حوالي سان هڪ ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان پاس ڪري ورتو. ٺهراءُ آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو پيش ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته ڊجيٽل آدمشماري جي حوالي سان سنڌ جي عوام کي اونداهه ۾ رکيو ويو آهي ۽ سنڌ کي ڊيٽا تائين پهچ نه پئي ڏني وڃي، ڊيش بورڊ به ڪم نه پيو ڪري، ج...
اسرندڙ ملڪن لاءِ قرضن تي شرط آسان ڪرڻ گهرجن:وزيراعظم شهباز شريف
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسرندڙ ملڪن جي عوام جي ترقي لاءِ گڏجي قدم کڻڻا پوندا، اسرندڙ ملڪن لاءِ قرضن جي شرطن کي آسان ڪيو وڃي، عوام کي سماجي تحفظ جي فراهمي ۽ جديد ٽيڪنالاجي تائين آسان پهچ يقيني بڻائي وڃي، پاڪستان دوحه پروگرام آف ايڪشن لاڳو ڪرڻ جي ڀرپور حمايت ڪريان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي اهتمام هيٺ...
عمران خان مئسيج ڪري عدالتي ڪيسن ۾ مدد گهري: اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار
سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار انڪشاف ڪيو آهي ته عمران خان 3 هفتا اڳ واٽس ايپ تي مئسيج ڪيو ۽ عدالتن ۾ هلندڙ ڪيسن جي سلسلي ۾ مدد گهري هئي، هن ڳالهائڻ پئي چاهيو پر مون انڪار ڪري ڇڏيو. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ثاقب نثار چيو ته عمران خان کي مڪمل ۽ سمورن معاملن تي صادق ۽ امين قرار نه ڏنو هو، عدالت ۾ جيڪي دستا...
تعليم کاتي جي ننڍن ملازمن جا مطالبن جي مڃتا لا مظاهرا
ٽنڊوالهيار/نئون ديرو/ سنجهورو: ٽنڊوالهيار ۾ آل سنڌ ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ لوئر اسٽاف ايسوسيئيشن سنڌ پاران مطالبن جي مڃتا لا پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي ضلعي صدر محمد علي ميرجت، نواب بهراڻي، الله ڏنو هڪڙو، عبدالله ڪنڀار، دلدار لنڊ، شوڪت ميرجت ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيندي چيو ته پروموشن لا من پسند ماڻهن ک...
ڪوٽ غلام محمد ۾ پراڻي دشمني تان همراهه ڪهاڙيون هڻي قتل
ڪوٽ غلام محمد: ڪوٽ غلام محمد شھر جي لاھوتي چوڪ تي ھوٽل تي ويٺل ڳوٺ ساجن چانڊيو ديهھ 296 جو رھواسي 48 سالن جو ساجن چانڊيو پٽ لال بخش چانڊيو ڪھاڙيون منھن ۾ لڳڻ ڪري بيدردي سان قتل ٿي ويو، جڏھن ته جوابدار واقعي بعد موقعي تان فرار ٿي ويو. اطلاع تي پوليس پهچي وئي، جنهن مقتول جو لاش کڻائي تعلقي اسپتال پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم ...
ننگرپارڪر جي عوام لا مڌر چائلڊ موبائل ڪلينڪ جو افتتاح
ننگرپارڪر: ڊبليو ايڇ او پاران ننگرپارڪر جي عوام لا ڏنل مڌر چائلڊ موبائل ڪلينڪ جو افتتاح ايم پي اي پارلياماني سيڪريٽري صحت قاسم سراج سومرو ڪيو. موبائل ڪلينڪ بابت صحافين سان ڳالھائيندي قاسم سراج سومرو چيو ته ٻوڏ ۾ ڳوٺن ۾ وڏيون موبائل وينون نٿيون وڃي سگھن، اتي هي موبائل ڪلينڪ گاڏي ويندي، سموري سنڌ لا 5 گاڏيون مليون آهن،...
ميرپورخاص ۾ پيار جي شادي ڪندڙ نوجوان وليمي واري رات قتل
ميرپورخاص: ميرپورخاص ۾ پيار جي شادي ڪندڙ نوجوان وليمي واري رات ڪمري ۾ گوليون لڳڻ سبب قتل ٿي ويو. پوليس ڪنوار کي جاچ لا حراست ۾ وٺي ڇڏيو. ميرپورخاص جي تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ امام بخش لغاري ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ گهوٽ 20 سالن جي صابر علي کوکر کي ڪمري وليمو ختم ٿيڻ بعد رات جي وقت ڪمري ۾ بيدردي سان قتل ڪيو ويو، گهوٽ کي گوليون ...
نئون ڪوٽ ۾ قتل ڪيل عورت جي ڏير ۽ سس کي 25 سال قيد
ميرپورخاص : ميرپورخاص جي ماڊل ٽرائل ڪورٽ عورت مسڪان کوکر جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي سندس ڏير علي حيدر راجپوت ۽ سس امتياز بي بي کي 25-25 سال قيد جي سزا جو فيصلو ڏئي ڇڏيو. 2021ع ۾ نئون ڪوٽ ٿاڻي جي حد ۾ عورت مسڪان کوکر قتل ٿي وئي ھئي، جنھن جو ڪيس مقتولا عورت جي والد تنوير کوکر جي فرياد تي مقتولا عورت جي ڏير علي حيدر راجپو...
مورو لڳ معصوم ٻارڙو نلڪي واري هودي تي پير ترڪڻ سبب فوت
مورو: مورو ويجھو نوان جتوئي جي ڳوٺ سائين بخش خاصخيلي ۾ 4 سالن جو معصوم نينگر مومن پٽ استاد منصور خاصخيلي گھر اندر راند ڪندي اوچتو نلڪي جي ھودي تي پير ترڪڻ سبب ڪري پيو، جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي.
قوم هڪ ليڊر ۽ گدڙ ۾ فرق ڄاڻي ورتو آهي:مريم نواز
مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر مريم نواز تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي طنز سان ڀرپور تبصرو ڪندي چيو آهي ته قوم ليڊر ۽ گدڙ ۾ فرق ڄاڻي ورتو آهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ مريم نواز لکيو ته شينھن بيڏوهي هوندي به ڌي جو هٿ پڪڙي لنڊن مان پاڪستان اچي گرفتاري ڏيندو آھي پر جيڪڏهن ليڊر چور هجي ته ٻين جي نياڻين کي ڍال بڻائ...
اسلام آباد پوليس گرفتاري لا زمان پارڪ ۾ موجود، ڪوڙي ڪيس ۾ عدالت گهرائي قتل ڪرڻ جي سازش آهي:عمران خان
اسلام آباد پوليس سيشن ڪورٽ ۾ هلندڙ ڪيس ۾ فرد جرم جي شنوائي تي 3 ڀيرا غير حاضر رهڻ تي تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي گرفتار ڪرڻ لا زمان پارڪ لاهور پهچي وئي، پوليس کي وڏي ڏکيائي سان عمران خان جي رهائشگاهه اندر اچڻ ڏنو ويو پر هو پنهنجي ڪمري ۾ موجود نه هو، جنهن بعد پي ٽي آئي جي اڳواڻن ۽ وڪيلن نوٽيس وصول...
حڪومت چاهي ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ ڏکيو ناهي:گهرو وزير
وفاقي گهرو وزير راڻا ثنا الله چيو آهي ته عمران خان عدالت ۾ پيش ٿيڻ ۽ سزا کان بچڻ لاءِ بهانا ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن حڪومت هڪ دفعو فيصلو ڪري وٺي ته عمران خان کي گرفتار ڪرڻ ڏکيو ناهي، مٿس توشا خانا ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو ٿيڻو آھي. فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين تي قاتلاڻي حملي جو ڪو به معاملو ناهي...
عمرساند ۾ ٽرانسفارمر مان ڪوائلون چوري، مظاهرو
عثمان شاھه ھڙي: عمر ساند ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد ابراهيم عاقلاڻي جي واٽر سپلائي اسڪيم جي ٽرانسفارمر مان نامعلوم چور ڪاپر واريون ڪوائلون چوري ڪري فرار ٿي ويا. ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن مير خان عاقلاڻي، شريف عاقلاڻي ۽ شاھجھان عاقلاڻي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته گذريل رات دير سان نامعلوم چور ڀوڦاڙ شاخ ڀرسان ڳوٺ ابراهيم عاقلاڻي...
ڄام ساقي اسان جي ذهنن ۽ دلين ۾ هميشه زنده رهندو:بلاول ڀٽو
ڪراچي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڄام ساقي اسان جي ذهنن ۽ دلين ۾ هميشه زنده رهندو. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پيغام ۾ پارٽي اڳواڻ ڄام ساقي مرحوم کي پنجين ورسي تي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته هو جمهوريت پسند ۽ ڊگهي نظر رکندڙ عوامي اڳواڻ هو. هن چيو ته ڄام ساقي مرحوم جون جبري پورهئي کي روڪڻ ۽ انساني حقن کي ه...
ٽنڊو جان محمد ۾ موٽر ٺاهيندي پيرسن ڪرنٽ ۾ فوت
ٽنڊو جان محمد: ٽنڊو جان محمد ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب اڌڙوٽ شخص فوت ٿي ويو. ٽنڊوجان محمد جي الله آباد ڪالوني ۾ 50 ورھين جو لال زمان راجپوت ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، واقعي جي اطلاع تي پوليس پھتي. فوتي جي ڀا قمرالزمان ۽ پٽ عمران راجپوت چيو ته فوتي گھر ۾ اڪيلو ھو، لوڊشيڊنگ دوران پاڻي جي موٽر جو ڪنيڪشن جوڙي رھيو ته اوچتو بجلي اچڻ سب...
شهيد سلطان محمود ڪرڪيٽ چئمپين شپ ۾ 4 ٽيمن ۾ مقابلا
ميرپورخاص: ميرپورخاص پريس ڪلب جي زير نگراني سنڌ حڪومت جي سهڪار سان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اسپورٽس ڪمپليڪس پي سي بي گرائونڊ ۾ ٿيندڙ شهيد محمود سلطان چانڊيو 100 بال ليگ ڪرڪيٽ چئمپين شپ ۾ کيڏيل 2 ميچن جا فيصلا ٿي ويا. پهرين ميچ ۾ شهيد عمران اليون جي ٽيم پيراڊائز سڪسرز جي ٽيم کي 9 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو. بيٽنگ ڪندي پيراڊائز ...
پاڻي جي لنگهن تان قبضا ختم نه ٿيا ته ٻيهر نقصان ٿيندو:منور ٽالپر
ميرپورخاص: پ پ ايم اين اي مير منور ٽالپر 2023ع جي امڪاني زوردار برساتن جي سلسلي ۾ ميرپورخاص شھر جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ڊي سي ميرپورخاص کان تفصيل ورتا، بعد ۾ ايم اين اي مير منور ٽالپر پ پ اڳواڻ غلام قادر مري، ضلعي جنرل سيڪريٽري مير حسن ڌونڪائي، عبدالسلام ميمڻ ۽ مير الهداد ٽالپر سان گڏ پريس ڪلب جو د...
بڪيراشريف ۾ نوجوان خودڪشي ڪري ڇڏي
بڪيرا شريف: بڪيرا شريف درگاهھ قلندر قائم الدين قريشي جي رهواسي 30 سالن جي نوجوان نثار علي شيدي وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري ڇڏي. ماروڙي ڪالوني لڳ ڪيلي جي فصل جي بائونڊري تي موجود وڻ ۾ لاش ٽنگيل ڏسي رهواسين پوليس کي اطلاع ڏنو، بڪيرا پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش لهرائي سول اسپتال ٽنڊوالهيار پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لا...
حيدرآباد جي 71 اڌر ڪيڊر استادن کي رليو ڪرڻ لا نوٽيفيڪشن جاري
حيدرآباد: حيدرآباد ضلعي جي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آَفيسر عزيزالرحمان ڏهوٽ هڪ نوٽيفيڪشن جاري ڪندي حيدرآباد ضلعي جي 71 اڌر ڪيڊر استادن کي رليو ڪري ڇڏيو آهي. جاري ڪيل نوٽيفيڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته تعليم کاتي جي 17 فيبروري تي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق حيدرآباد ضلعي ۾ 2012ع ۾ ڀرتي ڪيل اڌر ڪيڊر استادن جي اسڪروٽني رپورٽ ۾ 71 اڌر ڪيڊر ا...
ٽنڊوآدم لڳ گهر کي باهه، سامان رک، 2 ٻڪريون مري ويون
ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم لڳ ڳوٺ محمد لاشاري ۾ اوچتو محمد امين لاشاري جي گهر ۽ اوطاق کي باھه لڳي وئي، جنهن سبب هنڌ، کٽون، اناج، ڪپڙا ۽ ٻيو گهريلو سامان سڙي رک ٿي ويو. جڏهن ته وٿاڻ ۾ بيٺل 2 ٻڪريون به سڙي مري ويون. اطلاع ملڻ تي فائربرگيڊ پهچي باهھ تي ڪنٽرول ڪري وڌيڪ گهرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو.
ڪراچي ۾ ميرواهه گورچاڻي واسي پورهيت ڪرنٽ ۾ فوت
ميرواهه گورچاڻي: ڪراچي قائد آباد واري علائقي ۾ هوٽل تي مزدور ڪندڙ ميرواہه گورچاڻي جو رھواسي پورهيت نوجوان انور خاصخيلي 11 هزار بجلي جي تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. ميرواھه گورچاڻي ڀرسان ڳوٺ ڪنگورو جو رهواسي 18 سالن جو انور ولد گل محمد خاصخيلي ڪراچي قائد آباد واري علائقي ۾ هوٽل تي محنت مزوري ڪندو هو، جتي نوجوان کي ...
ميري ٽائيم ايڪسپو ۾ سهڪار ڪرڻ تي ڪموڊور احمد شجاع سينيئر انجنيئر امتياز ڀٽو جا ٿورا مڃي ورتا
ڪراچي: ڪمانڊر ڪراچي 9 لياقت بيرڪس جي چيف آفيسر ڪموڊور احمد شجاع تازو ڪراچي ۾ ٿيل پهرين پاڪستان انٽرنيشنل ميري ٽائيم ايڪسپو اينڊ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ تي ڊسٽرڪٽ ميونسپل ڪارپوريشن ايسٽ ڪراچي جي سينيئر ايگزيڪيوٽو انجنيئر امتياز احمد ڀٽو جا ٿورا مڃيا. جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڪموڊور احمد شجاع چيو ته سينيئر ايگزيڪيوٽو انجنيئر امتياز ...
حڪومت واعدا پاڙي نه ته وزارتون رکڻ مشڪل ٿي پوندو:بلاول ڀٽو
پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن سان ڪيل واعدا پورا نه ٿيا ته وزارتون رکڻ مشڪل ٿي وينديون، عوام جو سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي، وفاقي حڪومت پنهنجا واعدا پورا ڪري، واعدو ڪيو آهي ته ان کي پورو ڪرڻو پوندو، سياسي ڪوئو زمان پارڪ ۾ بستر جي هيٺان لڪل آهي. ڪوئي جي ٽنگ ۾ تڪليف آهي، هيڏانهن هوڏا...
آدمشماري درست نھ ٿي تھ اسان قبول نھ ڪنداسين:وڏو وزير
پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪمپيوٽر جو بٽڻ دٻائي “ٻج جي سبسڊي پروگرام: ڪڻڪ جي ٻج لاءِ معاوضي” جو افتتاح ڪري ڇڏيو ۽ 12 ايڪڙ تائين زرعي زمين رکندڙ ننڍن هارين ۾ 5000 رپيا ورهائڻ واري عمل جي شروعات ڪئي ۽ 8 ڏهائي 39 ارب رپيا بينظير انڪم سپورٽ پروگرام(بي آءِ ايس پي) کي منتقل ڪيا. وزيراعليٰ ه...
عمران خان جو گرفتار نه ٿيڻ عدالت جي توهين آهي:شرجيل ميمڻ
سڌ سماءَ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته اڄوڪو ڏينهن پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ ڪارو ڏينهن آهي، پوليس کي عدالتي حڪمن تي عملدرآمد ڪرائڻ کان روڪيو ويو، پي ٽي آئي قانون جو مذاق اڏايو آھي، پوليس ڀڳوڙي کي گرفتار ڪرڻ لاءِ جڏهن زمان پارڪ پهتي ته هو ڀڄي ويو. جيڪو ٻين کي صلاحون ڏيندو هو ته گھٻرائڻ جي ضرورت ناهي، اهو پاڻ...
ثاقب نثار ۽ فيض حميد اڃا به عمران لا لابنگ ڪري رهيا آهن:فضل الرحمان
اسلام آباد :جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي امير مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته ثاقب نثار ۽ فيض حميد هن وقت به عمران خان لا لابنگ ڪري رهيا آهن. ادارن کي گهرجي ته فوري طور تي ان جو نوٽيس وٺن ۽ انهن کي لغام ڏين. اهي پاڪستان جي سياست ۾ وقت کان اڳ مداخلت ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪن. ڪالهه پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته سياسي صورتحال جي جيڪا...
پاڪستان ۽ آئي ايم ايف وچ ۾ ورچوئل ڳالهيون اڄ کان ٻيهر شروع ٿينديون
اسلام آباد :حڪومت ايندڙ چئن مهينن لاءِ آمدني ۽ خرچن جي ڪاٿن کي حتمي طور طئي ڪرڻ لاءِ اڄ سومر کان عالمي مالياتي فنڊ سان ورچوئل ڳالهيون ٻيهر شروع ڪندي. رپورٽ مطابق هڪ سينيئر سرڪاري عهديدار ان اڳڀرائي جي تصديق ڪئي آهي. ورچوئل ڳالهين کانپو ليٽر آف انٽينٽ تي صحيحون ڪيون وينديون ۽ معاهدي جو اعلان ٿيندو. پاڪستان ۾ آئي ايم اي...
عمران خان جا بيان ۽ تقريرون نشر ڪرڻ تي پابندي
اسلام آباد :پيمرا چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان جا بيان ۽ تقريرون نشر ڪرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي. تفصيل موجب پابندي پيمرا آرڊيننس جي سيڪشن 27 تحت لاڳو ڪئي وئي آهي. پيمرا موجب عمران خان پنهنجي تقريرن​۽ بيانن ۾ رياستي ادارن تي بي بنياد الزام لڳائي رهيو آهي. پيمرا موجب عمران خان اشتعال انگيز بيانن ذريعي نفرت پکيڙي رهيو آهي. عم...
سڀني سان ڳالهائڻ ۽ سمجهوتو ڪرڻ لا تيار آهيان:عمران خان
تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پنجاب ۾ اليڪشن مهم جي شروعات ڪندي چيو آهي ته مان سڀني سان ڳالهائڻ ۽ سمجهوتو ڪرڻ لا تيار آهيان، جن مون تي قاتلاڻو حملو ڪرايو، انهن کي به معاف ڪرڻ لا تيار آهيان، منهنجو مطالبو آهي ته 60 سيڪڙو ملڪ ۾ اليڪشن بدران سڄي ملڪ ۾ هڪ ئي وقت چونڊون ٿيڻ گهرجن، ليول پليئنگ فيلڊ تڏهن ايندي آهي جڏهن م...
رڪارڊ مهانگائي پگهارن کي ناڪافي ڪري ڇڏيو، گهر هلائڻ مشڪل
ملڪ ۾ عام واهپي جي شين جا اگهه آسمان تي پهچڻ ڪري صورتحال اها وڃي بيٺي آهي ته هڪ سال اڳ 50 هزار رپيا ڪمائيندڙ جي پگهار 15 هزار 750 رپيا گهٽجي وئي آهي. خانگي ٽي وي چئنل جي رپورٽ مطابق گذريل سال فيبروري کان فيبروري 2023ع تائين ملڪ ۾ مهانگائي 31 سيڪڙو وڌي وئي آهي، بجلي، گيس، پيٽرول، کاڄرو تيل، گيهه، اٽو، داليون، ڪڪڙ جو گوش...
اسان کي عمران خان جهڙي بزدل سان نه، مهانگائي سان مقابلو ڪرڻو آهي:شازيا مري
وفاقي وزير شازيا عطا مري خانڳڙهه ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت بينظير ڊائنامڪ رجسٽري سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي هن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مظفر ڳڙهه ضلعي ۾ 6 ڊائنامڪ رجسٽري سينٽر ٺاهيا ويندا. هن چيو ته بي آءِ ايس پي تحت مظفر ڳڙهه جي 3 لک 21 هزار کان وڌيڪ خاندانن کي وظيفا ڏنا پيا وڃن ۽ ڊائنامڪ رجسٽري سي...
ميرپورخاص م ڪرڪيٽ چئمپين شپ ۾ 4 ٽيمن ۾ مقابلو
ميرپورخاص : ميرپورخاص پريس ڪلب جي زير نگراني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اسپورٽس ڪامپليڪس پي سي بي گرائونڊ ۾ ٿيندڙ شهيد محمود سلطان چانڊيو 100 بال ليگ ڪرڪيٽ چيمپئن شپ ۾ کيڏيل 2 ميچن مان هڪ ميچ جو فيصلو ٿي ويو. ٻيو ميچ گهٽ روشني سبب روڪيو ويو. پهرين ميچ ۾ پيٽرومين لائنز جي ٽيم يونائٽڊ اسٽارز جي ٽيم کي 14 رنس کان هارائي ڇڏيو. ...
ڍورونارو لڳ معصوم ٻارڙو ماکي جي مکين جي حملي ۾ فوت
ڍورونارو: ڍورونارو ويجھو ٽيون ميل موري تي ماکي جي مکين جي ڏنگن سبب 5 ورھين جو ٻارڙو ڪريم پٽ اشرف پٺاڻ فوت ٿي ويو. ان سلسلي ۾ وارثن متاثر ڇوڪري کي ڍورونارو جي سرڪاري اسپتال منتقل ڪيو، پر ٻارڙو اڳ ئي فوت ٿي چڪو ھو، ٻارڙو پنهنجي گهر ۾ راند ڪري رهيو هو، لوڙھي تي ويٺل ماکي جي مکين کيس ڏنگ هنيا، جنھن ڪري ري ايڪشن سبب معصوم ر...
هيڊ ٽيچرز جو اسڪول هلائڻ ۾ اهم ڪردار هوندو آهي:ستار عالماڻي
حيدرآباد: حيدرآباد ۾ فيڪلٽي آف ايجوڪيشن يونيورسٽي آف سنڌ اولڊ ڪئمپس حيدرآباد طرفان اولڊ ڪئمپس ۾ گورنمينٽ ۽ پرائيويٽ هيڊ ٽيچرز لا ڪيپيسٽي بلڊنگ آف اسڪول ليڊرز جي عنوان سان تربيتي ورڪشاپ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جي مرد ۽ عورت هيڊ ٽيچرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ورڪشاپ ۾ فيڪلٽي آف ايجوڪيشن جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر...
نصرپور ۾ مصري شاهه درگاهه جي اوتاري جي کوهه مان لاش هٿ
ٽنڊوالهيار: نصرپور جي مصري شاھه درگاھه جي اوتاري جي کوھه مان نامعلوم نوجوان جو لاش ھٿ آيو، ماڻهن جي اطلاع تي پوليس پهچي کوهه مان لاش ڪڍرايو ۽ سول اسپتال ٽنڊوالهيار آندو، جتان ضروري ڪارروائي ڪري لاش سردخاني ۾ رکيو ويو. نوجوان جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. ان سلسلي ۾ مقامي ماڻهن ٻڌايو ته نوجوان نصرپور جو رهواسي ناهي.
جنهن پنهنجي نياڻي سان انصاف نه ڪيو، سو ملڪ سان ڪهڙو انصاف ڪندو:مريم نواز
ن ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته مريم جڏهن آئينو ڏيکاريندي آهي ته توهين عدالت ياد اچي ويندي آهي، توهين عدالت تڏهن ٿيندي آهي، جڏهن هڪ گهڙي چور پڪڙيو وڃي ۽ ٻاهر ڦرندو وتي. گوجرانوالا ۾ ورڪرز ڪنويشن سان خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته توهين عدالت تڏهن ٿيندي آهي جڏهن وزيراعظم کي پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي ٻاهر ڪيو وڃي،...
آرمي چيف سان ڳالهائڻ چاهيان ٿو، ڪير ڳالهائي نٿو ته ڇا ڪريان:عمران خان
تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته لڳي ٿو آرمي چيف مون کي پنهنجو دشمن سمجهي رهيو آهي، مان ڪرپٽ ناهيان، آرمي چيف ئي منهنجي خلاف ڪو ڪرپشن جو ڪيس ڪڍي، ملڪ جي بهتري لاءِ آرمي چيف سان ڳالهائڻ لاءِ تيار آهيان. لاهور ۾ صحافين سان ملاقات ۾ گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته منهنجي اسٽيبلشمينٽ سان ڪا ويڙهه ناهي، جيڪڏهن ڪير اهو ٿ...
تحريڪ انصاف اڳواڻن جي نظربندي معطل، عدالت آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
لاهور ها ڪورٽ شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ تحريڪ انصاف جي ٻين نظربند ڪيل اڳواڻن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پي ٽي آ طرفان جيل ڀريو تحريڪ جي پهرئين مرحلي ۾ گرفتاري ڏيندڙ اڳواڻن بابت ها ڪورٽ ۾ جسٽس طارق سليم شيخ درخواستگذار فواد چوڌري جي درخواست تي حڪم جاري ڪندي شاهه محمود قريشي، اسد عمر ۽ ٻين اڳواڻن جي نظربندي جا...
بي اين پي جو ملڪ عبدالولي ڪاڪڙ بلوچستان جو گورنر مقرر
بلوچستان ۾ به نئون گورنر اچي ويو، صدر عارف علوي ملڪ عبدالولي ڪاڪڙ کي صوبي جو گورنر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر بلوچستان جي گورنر جي مقرري آئين جي آرٽيڪل 48 هڪ ۽ 101 تحت وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڪئي آهي. واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي گورنر لاءِ بي اين پي کان نالا طلب ڪيا هئا، جنهن بعد ...
اعظم خان ڪراچي ڪنگز تي ڪڙڪي پيو، ڇڪن چوڪن جي برسات، اسلام آباد جا ٻيڙا پار
اسلام آباد يونائيٽيڊ جي هٽر اعظم خان 41 بالن تي 72 رنسن جي طوفاني اننگز ذريعي ڪراچي ڪنگز کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پي ايس ايل-8 مان واپسي جي راهه ڏيکاري ڇڏي. اسلام آباد 202 رنسن جو ٽارگيٽ ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي آخري اوور ۾ پورو ڪري ڪراچي کي ميگا ايونٽ ۾ ڇهين شڪست جو منهن ڏيکاريو، جڏهن ته اسلام آباد ڇهن مئچن ۾ چوٿين ڪامياب...
آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي جي صحيح ڳڻپ نه ٿي رهي آهي:وڏو وزير
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته آدمشماري ۾ سمورن ماڻهن جي باقاعدگي سان ڳڻپ ڪئي وڃي ۽ سمورن ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن کي گهرجي ته گهرن جي سمورن فردن جي ڳڻپ کي يقيني بڻائين. وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ آدمشماري بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزير، چيف سيڪريٽري، صوبائي سيڪريٽريز ۽ سمورن ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمش...
مٺي ۾ جهنگلي جيوت جي تحفظ لا جاڳرتا ريلي،شھر جو گشت
مٺي:مٺي ۾ ولي فائونڊيشن ۽ سول سوسائٽي پاران جهنگلي جيوت جي عالمي ڏهاڙي تي جيوت جي تحفظ لا بلاول پارڪ کان جاڳرتا ريلي ڪڍي شھر جو گشت ڪيو ويو. ريلي ۾ ولي نهڙيو، حاجي ڪنڀار، عبدالسبحان سميجو، جيلم سنگهھ، آفتاب سميجو، ماما وشن ٿري ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن، واپارين، وڪيلن، شاگردن ۽ ضلع انتظاميا جي نمائندن سميت وڏي انگ ۾ شھر...
وزيراعظم سان آصف زرداري ۽ فضل الرحمان جي ملاقات،سياسي مشاورت
اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف سان اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ملاقات ڪئي آهي. پڌرائيءَ موجب وزيراعظم هائوس ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي مشاورت ڪئي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ صدر طرفان چونڊن جي اعلان کانپوءِ جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. واضح رهي ته صدر عا...
پنجاب اسيمبلي جون چونڊون 30 اپريل تي ڪرائڻ جو اعلان
اسلام آباد: صدر عارف علوي پنجاب جي چونڊن لاءِ 30 اپريل جي تاريخ جي منظوري ڏئي ڇڏي. اليڪشن ڪميشن آَف پاڪستان طرفان صدر کي پنجاب ۾ چونڊن لاءِ 30 اپريل کان 7 مئي تائين تاريخون تجويز ڪيون ويون هيون. ان کانپو صدر پنجاب ۾ چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جي تجويز ڪيل تاريخن تي غور کانپوءِ 30 اپريل جي تاريخ جي منظوري ڏني. ان ڏس ۾ صدر...
سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس لاءِ “معزز” جو لفظ نه لکڻ گهرجي:جسٽس فائز
اسلام آباد : سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته “معزز” جهڙن لقبن کي عدالتن لاءِ استعمال نه ڪرڻ گهرجي. سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽس لاءِ “معزز” جو لقب استعمال ڪرڻ بابت تحريري حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اسٽيٽ لائف انشورنس جي ملازم جي ڪيس ۾ حڪم جاري ڪيو، جنهن ۾ هن چيو اميد آهي ته جج، وڪيل ۽ درخواستگذار خوشامدي ۽ تعص...
ملڪ جو ڏيوالو ناهي نڪتو ۽ نه ئي نڪرندو:اسحاق ڊار
اسلام آباد :ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته هر وقت اهو چوڻ ته ملڪ جو ڏيوالو نڪري رهيو آهي، ٺيڪ ناهي. نه ملڪ جو ڏيوالو نڪري پيو نه ئي نڪرندو. اڳوڻي ايف بي آر چيئرمين شبر زيدي ملڪ سان جيڪو ڪيو، کيس جيل ۾ هجڻ گهرجي. پريس ڪانفرنس کان اڳ اسحاق ڊار صحافين کي ملي ويو ته هر سوال جي جواب ۾ 4 لڳي 10 منٽ چوڻ لڳو، سوال ٿ...
پريالو ڀرسان زمين جي تڪرار تان فائرنگ ۾ ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا قتل، 4 زخمي
خيرپور: خيرپور جي علائقي ڳاڙھي موري ڀرسان پلاٽ جي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، گوليون لڳڻ سبب 3 ڄڻا قتل، 4 زخمي. خبر موجب پريالوءِ ٿاڻي جي حد ڳاڙھي موري ڀرسان ڳوٺ ڏونگر خان ڏونگراڻي ۾ پلاٽ جي معاملي تان ٻن ڌرين ۾ تڪرار تان ھڪ ڌر جمعي نماز تان واپس ايندڙن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنھن سبب ٻن ڀائرن سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا، قتل ٿيل...
قوم حڪومتي تبديلي واري سازش جي قيمت ادا ڪري رهي آهي:عمران خان
تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان وياج جي شرح ۾ رڪارڊ واڌ ۽ ڊالر جي وڏي اڏام تي تبصرو ڪندي پي ڊي ايم حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته قوم حڪومتي تبديليءَ (رجيم چينج) واري سازش جي ڳري قيمت ادا ڪري رهي آهي، اڳوڻي آرمي چيف سازش ذريعي قوم تي ڏوهارين کي مڙهيو، پي ڊي ايم سرڪار جي 11 مهي...
وياج جي شرح 18 مان وڌائي 20 سيڪڙو مقرر، 27 سالن بعد مٿانهين سطح تي پهچي وئي
اسٽيٽ بئنڪ آ ايم ايف جي مطالبي تي وياج جي شرح ۾ هڪ ئي ڌڪ سان 3 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن بعد ملڪ ۾ وياج جي شرح پراڻا رڪارڊ ٽوڙي 18 کان 20 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، اها 29 سالن کانپو ملڪ ۾ وياج جي سڀ کان مٿانهين شرح آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مرڪزي بئنڪ جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي جي اجلاس ...
سون وٺڻ بابت سوچجو به نه! تولو 2 لک رپين کان به چڙهي ويو
ڊالر جو اگهه وڌڻ شرط سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ به هڪ ئي ڏينهن اندر ساڍا 9 هزار رپيا في تولو اضافو ٿي ويو، جنهن بعد في تولو اگهه 2 لک رپين جي حد به پار ڪري ويو آهي. مارڪيٽ ريٽ مطابق سون جو في تولو اگهه 2 لک 6 هزار 500 رپين تائين پهچي ويو آهي. مقامي سونارا مارڪيٽن ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن اندر استحڪام ڏسڻ ۾ آيو پر ڪالهه خميس تي ...
ڊالر جي اگهه ۾ رڪارڊ واڌ، هڪ ئي ڏينهن اندر 19 رپيا مهانگو ٿي ويو
آ ايم ايف سان معاهدي ۾ دير جو فائدو وٺي ڊالر آسمان تي پهچي ويو، اڌ ڪلاڪ اندر 3 ڀيرا مهانگو ٿيڻ بعد انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر 18 رپين کان وڌيڪ واڌ سان 285 رپين جو ٿي ويو آهي، جيڪو پاڪستاني رپئي جي قدر ۾ ساڍا 6 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي جي برابر آهي، گذريل ڏينهن انٽر بينڪ ۾ ڊالر 266 رپيا 11 پئسن تي بند ٿيو هو. تفصيل موجب آ ...
پاڪستان جي معاشي صورتحال جو ذميوار هڪ سڌريل ملڪ آهي:چين
چيني حڪومت پاڪستان کي معاشي مسئلن مان ڪڍڻ لا مالياتي ادارن ۽ قرض ڏيندڙ ملڪن کان هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي معاشي صورتحال جو ذميوار هڪ ترقي يافتا ملڪ آهي، جنهن جون بنياد پرست پاليسيون پاڪستان سميت ترقي جي واٽ تي هلندڙ ملڪن لا مالي ڏکيايون پيدا ٿيڻ جو سبب بڻجن ٿيون. چين جي پرڏيهي وزير بيج...
گوجرانوالا ۾ ما ۽ ڌي سان ڇهن ڏينهن اندر 2 ڀيرا اجتماعي لڄالٽ
گوجرانوالا جي علائقي ڊيرا ڀنڊران ۾ ما ۽ ڌي کي ڇهن ڏينهن اندر 2 ڀيرا اجتماعي لڄالٽ جو نشانو بڻايو ويو. پوليس موجب اجتماعي زيادتي جو پهريون واقعو 26 فيبروري تي پيش آيو، جڏهن ته ڇهن ڏينهن اندر ما ۽ ڌي کي پي سامهون هڪ دفعو ٻيهر حوس جو نشانو بڻايو ويو. ٻنهي عورتن سان اجتماعي لڄالٽ جا ٻه ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن پر ...
ڏيوالي جون خبرون غلط،ايندڙ هفتي آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿيندو:اسحاق ڊار
اسلام آباد : ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته ايندڙ هفتي آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول معاهدو ٿي ويندو. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي ڊيفالٽ ٿيڻ جون خبرون مڪمل طور غلط آهن، وقت تي ٻاهرين ادائيگين باوجود اسٽيٽ بئنڪ جي ناڻي مٽاسٽا ذخيرن ۾ گذريل هفتي هڪ ارب ڊالرن جي واڌ ٿي. هن چيو ته پرڏيهي ڪمرشل ب...
لائين لاسز گهٽائڻ ۽ بجلي چوري خلاف ڪارروائي جو حڪم
اسلام آباد :وفاقي ڪابينا بجلي جي لائين لاسز گهٽائڻ ۽ بجلي چوري خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بجلي جي لائين لاسز ۽ بجلي چوري واري معاملي تي وفاقي ڪابينا کي آگاهي ڏني وئي. ڪابينا بجلي جي لائين لاسز گهٽائڻ لاءِ بجلي چوري خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪ...
سڄي ملڪ ۾ بجلي ٻيهر 2 رپيا 23 پئسا مهانگي
اسلام آباد :ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي سڄي ملڪ ۾ بجلي جي قيمت ۾ 2 رپيا 23 پئسا اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ان حوالي سان ٻڌايو ويو ته ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن ته اضافي 335 ارب رپيا سرچارج جي مدد سان صارفين کان ورتا ويندا.
دوائن جو بحران،فارماسوٽيڪل انڊسٽري بند ٿيڻ جو خدشو
اسلام آباد :ملڪ ۾ دوائن جو بحران شديد ٿي ويو، فارماسوٽيڪل مينوفيڪچرنگ ايسوسيئيشن جي چيئرمين انڊسٽري بند ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪندي چيو آهي ته دوائون ٺاهيندڙ ڪمپنيون ڏيوالي جي ويجهو آهن. فارماسوٽيڪل مينوفيڪچرنگ ايسوسيئيشن جي چيئرمين فاروق بخاري جو چوڻ آهي ته دوائن جو سخت بحران پيدا ٿي ويو آهي. ايل سيز نه کلڻ ۽ ڊالر جي وڌندڙ ...
پاڪستان جي تاريخ بلوچن جي قربانين کانسواءِ ناممڪن آهي:وزيراعظم
اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف غيرتمند بلوچن کي بلوچي ثقافت جي ڏينهن تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي خوبصورتي بلوچ تهذيب ۽ تمدن جي رنگن ۽ پاڪستان جي تاريخ، بهادر بلوچن جي قربانين کانسواءِ ناممڪن آهي. ڪالهه خميس ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته بولان جي پهاڙن کان گوادر جي سمنڊن تائين غيرتمند بلوچن کي اڄ بلوچي ثقا...
پاڪستان ۽ ڀارت ۾ بيڪ ڊور ڳالهيون نه پيون ٿين: پرڏيهي ترجمان
اسلام آباد :پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته هن وقت پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪي بيڪ ڊور ڳالهيون نه پيون ٿين. 4 کان 7 مارچ تي جرمني جو پرڏيهي وزير پاڪستان جو دورو ڪندو. هفتيوار بريفنگ ۾ هن ٻڌايو ته 8 مارچ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلام ۽ عورتن بابت ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ ويندو. پاڪستان طرفان ڪوٺاي...
يوٽيليٽي اسٽورن تي في ڪلو گيهه 115 رپيا مهانگو
اسلام آباد :حڪومت گيهه جي في ڪلو قيمت ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪري ڇڏي. اڳ ئي مهانگائي جي ستايل شهرين کي حڪومت رمضان کان اڳ مهانگائي جو هڪ ٻيو تحفو ڏئي ڇڏيو ۽ سڄي ملڪ جي يوٽيليٽي اسٽورن تي وزيراعظم پيڪيج تحت في ڪلو گيهه 115 رپيا مهانگو ڪيو ويو آهي. يوٽيليٽي اسٽورن تي گيهه جي قيمت ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن موجب...
وزيراعظم شهباز شريف سان آرمي چيف جي ملاقات
اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف سان آرمي چيف جنرل عاصم منير ملاقات ڪئي آهي. ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف ۽ جنرل عاصم منير وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به آرمي چيف وزيراعظم سان ملاقات ڪئي هئي. آرمي چيف کانسواءِ ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽي...
ملڪ ۾ سڀ کان وڏو چئلينج مهانگائي آهي: شرجيل ميمڻ
حيدرآباد: صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هن وقت ملڪ ۾ سڀ کان وڏو چئلينج مهانگائي آهي، چونڊن ڪرائڻ بجاءِ مهانگائي کي ڪيئن منهن ڏجي اها ڳالهه سڀ کان وڌيڪ اهم آهي، پي ٽي آءِ حڪومت جي نااهلي جو ملڪ جي تاريخ ۾ ڪو مثال نٿو ملي، پي ٽي آئي آئي ايم ايف سان بنا ڪنهن پلان واعدا ڪيا ۽ ان کا...
وومين ايڪشن فورم جي اڳواڻن جون “عورت آزادي مارچ” لا دعوتون
حيدرآباد: وومين ايڪشن فورم جي وفد “روزاني سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد” جي هيڊ آفيس پهچي 8 مارچ تي رٿيل “عورت آزادي مارچ” ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. خبر موجب وومين ايڪشن فورم جي وفد حسين مسرت ۽ روزينه جوڻيجو ڪالهه “روزاني سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد” جي هيڊآفيس پهچي نيوز ايڊيٽر شبير نظاماڻي ۽ ايڪسپريس ميڊيا گروپ حيدرآباد جي بيوروچيف جنيد ...
ميرپورخاص گاما اسٽيڊيم کي انٽرنيشنل ليول جو بڻايو ويندو:هادي بلو
ميرپورخاص : ميرپورخاص ۾ ناليواري صحافي شھيد سلطان محمود چانڊيو جي نالي سان منصوب 100 بال ليگ ڪرڪيٽ چئمپيئن شپ 2023ع جي افتتاحي تقريب پي سي بي گرائونڊ ۾ ٿي، جنھن کي خطاب ڪندي راندين ۽ نوجوانن جي معاملن واري صوبائي سيڪريٽري عبدالھادي بلو چيو تھ سنڌ ۾ راندين کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ سنڌ حڪومت جوڳيون ڪوششون ڪري رھي آھي، اسپورٽس ...
چيلهار ۾ ڪتابي ميلو، اسان کي ڪتاب پڙهڻ جو ماحول جوڙڻ گهرجي:مقرر
چيلھار: چيلهار ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ چيلهار پاران روشني پبليڪيشن جي سهڪار سان رائچند راٺوڙ لائبرري ۾ سنڌ ڪتابي ميلو ۽ علمي ادبي سکيا جو پروگرام منعقد ڪيو ويو، سنڌ ڪتابي ميلي جو افتتاح ٿر جي سينيئر صحافي غازي نھڙيو، نامياري ليکڪ ڀارومل امراڻي، ٽائون ايڊمنسٽريٽر هنود جوشي ۽ ٻين ڪيو. ميلي ۾ چيلهار ۽ ڀرپاسي جي اسڪولن جي شاگ...
آدمشماري ۾ هر فرد کي پنهنجي ڳڻپ ڪرائڻ ضروري آهي:مير شارق ٽالپر
ڊگھڙي: ڊگهڙي تعلقي ۾ آدمشماري 2023ع جو افتتاح پ پ اڳواڻ مير شارق علي خان ٽالپر ڪيو. ان موقعي تي مير شارق علي خان ٽالپر چيو ته هر فرد کي آدمشماري ۾ پنهنجي ڳڻپ ڪرائڻ ضروري آهي، ڇو ته آدمشماري جي بنياد تي ملڪ ۾ رٿابندي ڪئي ويندي آهي، هن شھرين ۽ ڳوٺاڻن کي اپيل ڪئي ته گهر گهر ايندڙ آدمشماري وارين ٽيمن سان ڀرپور سهڪار ڪيو وڃ...
جيل ڀريو تحريڪ معطل،اليڪشن مهم هلائڻ جو اعلان، چونڊن ۾ دير جو ڪو به حربو ڪامياب ٿيڻ نه ڏبو: عمران خان
تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جيل ڀريو تحريڪ معطل ڪري پنجاب ۽ خيبر پختونخوا صوبن ۾ اليڪشن مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته چونڊن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي آجيان ڪريون ٿا، سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي سان آئين کي برقرار رکڻ جي ذميواري پوري ڪئي آهي. هن چيو ته اسان جيل ڀريو تحر...
حيدرآباد ڊويزن ۾ آدمشماري لا 10 هزار بلاڪ ٺهيا آهن:بلال ميمڻ
ٽنڊوالهيار: ڪمشنر حيدرآباد ٽنڊوالهيار پهچي مردم شماري جو افتتاح ڪيو. ڪمشنر حيدرآباد بلاول ميمڻ ڊپٽي ڪمشنر ولي محمد بلوچ سان گڏجي گلشن مهراڻ ڪالوني کان مردمشماري جي شروعات ڪئي. ان موقعي تي ڪمشنر بلاول ميمڻ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته مردم شماري مرحلو پهرين مارچ کان پهرين اپريل تائين جاري رهندو، مردمشماري ۾ حيدرآباد ڊوي...
سنجهورو ۾ وزيرستان واسي سميت 3 منشيات فروش گرفتار، 250 ڪلو چرس هٿ
سنجھورو: سانگهڙ پوليس بين الصوبائي منشيات فروش 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، جن وٽان 250 ڪلو چرس هٿ آيو. گرفتار جوابدار فورسز جي يونيفارم پائي منشيات اسمگل ڪري رهيا هئا. تفصيل موجب گذريل رات سي آئي اي پوليس سانگهڙ سنجھورو ٿاڻي جي حد ۾ هڪ ڪاري ويگو گاڏي نمبر 1966-QBA کي روڪڻ جو اشارو ڪيو، جنهن تي حڪومت بلوچستان جي نمبر...
آءِ ايم ايف جو شرط،هارين کي ملندڙ سبسڊي ختم
اسلام آباد :حڪومت آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪندي هارين لاءِ به بجلي مهانگي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. حڪومت بجلي اگهن ۾ هارين جي پيڪيج تحت ڏني ويندڙ سبسڊي ختم ڪري ڇڏي، جنهن سان هارين لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ 3 رپيا 60 پئسا واڌ ٿي وئي آهي. پاور ڊويزن فيصلي تي عملدرآمد لاءِ ڪي اليڪٽرڪ سميت بجلي ورهائيندڙ ٻين ڪمپنين کي خط لک...
پنجاب ۽ پختونخوا ۾ 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو حڪم
اسلام آباد :سپريم ڪورٽ چونڊن بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت فيصلو 2 ججن جي ڀيٽ ۾ 3 جي اڪثريت سان جاري ڪيو. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ چونڊن بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي فيصلي ۾ چيو ته ٻنهي صوبن ۾ 90 ڏي...
مهانگائي شرح 48 سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي،اٽو 56 سيڪڙو مهانگو
اسلام آباد : مُلڪ ۾ مهانگائي جي شرح 48 سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي. انسٽيٽيوٽ آف اسٽيٽسٽڪس پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب فيبروري 2022ع کان فيبروري 2023ع تائين هڪ سال دوران بصر جي قيمت ۾ 416 سيڪڙو، ڪڪڙ جي قيمت ۾ 96 سيڪڙو، بيضن جي قيمت ۾ 78 سيڪڙو ۽ چانورن جي قيمتن ۾ 77 سيڪڙو تائين اضافو ٿيو. جڏهن ته چڻن جي قيمت...
مريم نواز تي ادارن جي توهين جو الزام، عدالت 10 مارچ تي طلب ڪري ورتو
سکر جي عدالت ادارن جي توهين ڪرڻ جي الزام ۾ مسلم ليگ (ن) جي سينيئر نائب صدر مريم نواز کي 10 مارچ تي طلب ڪندي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي. سکر جي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف سکر جي ضلعي صدر ظهير بابر طرفان مريم نواز خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لا درخواست داخل ڪئي وئي هئي، جنهن تي ايديشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سکر شنوائي...
پي اي سي ۾ رٽائرڊ ججن ۽ جرنيلن کي ملندڙ مراعتن جو رڪارڊ طلب
اسلام آباد :پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي (پي اي سي) رٽائرڊ ججن ۽ جرنيلن کي ملندڙ مراعتن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو آهي. پي اي سي چيئرمين نور عالم خان جي صدارت هيٺ پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ رٽائرڊ ججن ۽ جرنيلن کي ملندڙ مراعتن جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو. پي اي سي جي ميمبر برجيس طاهر چيو مُلڪ ۾ ڏيڍ لک سرڪاري گا...
فرح گوگي کي پاڪستان آڻڻ لاءِ انٽرپول سان رابطي جو فيصلو
اسلام آباد :ايف آءِ اي فرحت شهزادي عرف فرح گوگي کي پاڪستان آڻڻ لاءِ انٽر پول سان رابطي جو فيصلو ڪيو آهي. ايف آءِ اي ذريعن موجب فرحت شهزادي کي پاڪستان آڻڻ لاءِ انٽرپول سان رابطي جي فيصلي جي گهرو وزارت کان اجازت گهري وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته فرحت شهزادي کي اشتهاري قرار ڏيڻ لاءِ عدالت کان ريڊ وارنٽ حاصل ڪيا ويندا. ذري...
عمران کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين:راڻا ثنا الله
اسلام آباد : وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عدالتن تي حملي ڪيس ۾ عمران خان کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته هي ماڻهو جيل ڀريو تحريڪ ۾ شوق سان جيل ۾ ويا، هاڻي اندر وڃڻ وارا ٻاهر اچڻ لاءِ منٿون ڪري رهيا آهن.هن چيو ته عمران خان ڪالهه سازش تحت ماڻهن ...
اليڪشن ڪميشن طرفان عدالتي حڪم تي عملدرآمد جو فيصلو
اسلام آباد :اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي حڪمن تي عملدرآمد جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو اهم هنگامي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن ۽ سيڪريٽري شرڪت ڪئي. اليڪشن ڪميشن جي لا ونگ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي بريفنگ ڏني. اجلاس ۾ پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي چونڊ...
ججن جي اڪثريت واضح موقف ڏنو ته پاڻمرادو نوٽيس نٿو بڻجي: شرجيل ميمڻ
ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي ٻن نه پر چئن جج صاحبن اعتراض ڪيو آهي ته ان معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس بڻجي ئي نه ٿو. جڏهن اهو ڪيس لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ شنوائي هيٺ آهي ته ان کي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻ جي ضرورت ئي نه هئي. هن چيو ته ججن جي اڪثريت واضح طور تي پنهنجو موقف ڏنو آهي ته اهو پ...
ڪراچي ۾ پيپلز پنڪ بس سروس جي وڌيڪ ٻن روٽن جي شروعات
ڪراچي: ڪراچي ۾ وڌيڪ ٻن روٽن تي عورتن لا مخصوص پيپلز پنڪ بس پنهنجي سفر جي شروعات ڪري ڇڏي. صوبائي وزيرن شرجيل انعام ميمڻ ۽ سيد ناصر حسين شاهه ڪالهه سي ويو تي رٿيل تقريب ۾ پيپلز پنڪ بس سروس جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي وزيراعليٰ سنڌ جو ڪوآرڊينيٽر شهزاد ميمڻ، ايم پي اي سعديه جاويد، ٽرانسپورٽ سيڪريٽري عبدالحليم شيخ، ايم ڊي س...
جڊيشل ڪامپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه،هٿياربندن سميت 25 گرفتار
اسلام آباد :اسلام آباد پوليس جڊيشل ڪامپليڪس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪندي پي ٽي آءِ ڪارڪن سخت بدنظمي جو مظاهرو ڪيو ۽ جڊيشل ڪمپليڪس جا دروازا ٽوڙي ڇڏيا. پوليس ڪيس داخل ڪري ورتو. پوليس موجب ڪيس دهشتگردي ايڪٽ تحت داخل ڪيو ويو ۽ هجوم مان ڪلاشنڪوف ۽ ٻين هٿيارن سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس ٻڌايو ته منصوبي تحت جڊيشل ڪامپ...
هڪ شخص آئين ۽ عدالتن تي حملا آور آهي،ڪوئي نوٽيس ناهي:مريم اورنگزيب
اسلام آباد :سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ججن کي گار ڌمڪي، عدالتن تي حملا ۽ جڊيشل ڪمپليڪس جي ڀڃ ڊاهه ڇو؟ ڇو ته فارن فنڊيڊ گهڙي چور وٽ ڪوئي جواب نه آهي. اڱاري تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مريم اورنگزيب چيو ته جڏهن عدالتون پيشي لاءِ منٿون ڪرڻ لڳن ته تاريخ تي تاريخ ڏينديون ته ايئن ته ٿيندو. هن چيو ته هڪ شخص آئين ...
بئنچ تبديل ڇو ڪئي،هڪ رجسٽرار جَجَ کان به وڌيڪ طاقتور آهي:جسٽس فائز
اسلام آباد :سُپريم ڪورٽ جي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس يحييٰ آفريدي اعليٰ عدالت ۾ ڪيس شنوائي لاءِ مقرر ڪرڻ جي طريقيڪار واري معاملي جو نوٽيس وٺندي سُپريم ڪورٽ جي رجسٽرار کي سموري رڪارڊ سميت فوري طور طلب ڪري ورتو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جو چوڻ آهي ته سُپريم ڪورٽ جو جج آهيان، پنجن سالن تائين بلوچستان هاٰءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس ...
End of preview. Expand in Data Studio

Sindhi News Corpus (SindhExpress)

Overview

The Sindhi News Corpus (SindhExpress) is a Sindhi-language news dataset created for Natural Language Processing (NLP) research.

Each entry contains:

  • Headline — News title
  • News Text — Full article content

The dataset is structured in CSV format (UTF-8 encoding).

Use Cases

  • Text Classification
  • News Summarization
  • Headline Generation
  • Language Modeling
  • Low-Resource NLP Research

Format

CSV file with two columns:

  • Headline
  • News Text

Author

Danish Mahdi
Hugging Face: https://huggingface.co/DanishMahdi

Downloads last month
6