Dataset Viewer
Auto-converted to Parquet Duplicate
Headline
stringlengths
15
83
Content
stringlengths
17
16.4k
ڀارت سڀ کان وڌيڪ پلاسٽڪ جي آلودگي پکيڙيندڙ ملڪ بڻجي ويو
ڀارت دنيا ۾ وڌيڪ پلاسٽڪ جي آلودگي پکيڙڻ ۾ سڄي دنيا کي پوئتي ڇڏي ڏنو.ڀارت ان معاملي ۾ نائجيريا، انڊونيشيا ۽ چين جهڙن وڏي آلودگي پيدا ڪندڙ ملڪن کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.يونيورسٽي آف ليڊز جي تحقيق مان خبر پئي ٿي ته ڀارت ساليانو 9.3 ملين ٽن پلاسٽڪ پيدا ڪري دنيا ۾ پلاسٽڪ سان آلودگي پکيڙڻ جو سڀ کان وڏو ذريعو بڻجي ويو آهي.هڪ ر...
سنوڪر ورلڊ ڪپ: پاڪستاني رانديگر ڇائنجي ويا
منگوليا ۾ جاري سنوڪر ورلڊ ڪپ جي پهرئين ڏينهن پاڪستاني رانديگرن شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي پنهنجون ٻئي ميچون کٽي ورتيون.اسجد اقبال ۽ اويس منير پنهنجي ٻنهي ميچن ۾ بنا ڪو فريم ڊراپ ڪرڻ جي ڪاميابي ماڻي.اسجد اقبال پهرين ميچ ۾ منگوليا جي بتارکونرانکو کي 0-3 تان شڪست ڏني، سندس اسڪور38-71، 51-71، 32-110 رهيو.ٻي ميچ اسجد اق...
پراسرار بخار سبب 16 ڄڻا فوت، اختياريون پريشان
نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست گجرات ۾ پراسرار بخار سبب 16 ڄڻا فوت ٿي ويا.پرڏيهي ميڊيا احمد آباد مان ڀارتي اختيارين جي حوالي سان ٻڌايو ته فوتين ۾ 5 سالن کان 50 سالن تائين عمر جا ماڻهو شامل آهن.اختيارين موجب بخار جي سببن ۽ ان جي پکيڙ بابت جاچ جاري آهي، برسات کانپوءِ ٻين بيمارين سان گڏ پراسرار بخار 7 ڳوٺن ۾ پکڙجي چڪو آ...
بابر ڪپتاني بدران ڪارڪردگي تي ڌيان ڏئي : يونس خان
ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان يونس خان بابر اعظم کي مشورو ڏنو آهي ته هو ڪپتاني بدارن ڪرڪيٽ ۽ ڪارڪردگي تي ڌيان ڏئي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي يونس خان چيو ته بابر اعظم ڪارڪردگي سڌاري ۽ ڪرڪيٽ تي ڌيان ڏئي، ننڍي عمر ۾ بابر اعظم ڪيئي ڪارناما انجام ڏنا آهن ۽ هو ٽيسٽ ۾ مون کان وڌيڪ 15 هزار تائين رنسون ٺاهي...
دهشتگرد حملن ۾ ”پب جي“ جي استعمال جو انڪشاف
سوات (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي ضلعي سوات ۾ پوليس چوڪي تي دهشتگرد حملن ۾ ”پب جي“ جي استعمال جو انڪشاف ٿيو آهي.ڊي پي او سوات ڊاڪٽر زاهد الله موجب پوليس چوڪي حملي ۾ ٽن گرفتار دهشتگردن رابطي لاءِ پب جي استعمال ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.ڊي پي او ٻڌايو ته دهشتگردن پب جي تي هڪ چيٽ گروپ ٺاهيو هو ۽ ان ۾ ڄاڻ شيئر ڪندا هئا، گرفتا...
قومي شاهراهه تي مسافر بس سان حادثو، 5 مسافر فوت، 24 زخمي
ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) قومي شاهراهه زوب تي بس کاهيءَ ۾ ڪرڻ سان 5 مسافر فوت ۽ 24 زخمي ٿي پيا.ريسڪيو ذريعن موجب مسافر بس اسلام آباد کان ڪوئيٽا وڃي رهي هئي ته دانه سر واري هنڌ تيز رفتاري سبب کاهيءَ ۾ ڪِري پئي، اطلاع تي ريسڪيو ٽيمون حادثي واري هنڌ پهتيون.امدادي اهلڪارن فوتين جا مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.هوڏانهن صوبائي حڪ...
بالي ووڊ جو سڀ کان سخي اداڪار ڪير؟
بالي ووڊ ادڪار جتي هڪ فلم لاءِ اربين رپيا معاوضو ۽ ڪيئي ڪاروبارن ۾ سيڙپڪاري ڪري ٻنهي هٿن سان دولت سان کيڏندا آهن اتي ڪجهه اداڪار خيراتي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺندا آهن.پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، بالي ووڊ جا وڏا نالا پنهنجي پاران ڪڏهن ڪنهن جي تعليم ته ڪڏهن ڪنهن جي بيماري سميت مختلف تنظيمن سان گڏجي ماڻهن جي مدد ڪندا آهن.سلمان خ...
ڪوئيٽا: پوليس موبائل ڀرسان ڌماڪو، ٻه اهلڪار شهيد
ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڪوئيٽا جي علائقي ڪچلاڪ ۾ پوليس موبائل ڀرسان ڌماڪي ۾ ٻه اهلڪار شهيد ٿي ويا.ڪچلاڪ ۾ پوليس جي گاڏي ڀرسان ڌماڪو ٿيو، جنهن ۾ ٻه اهلڪار شهيد ۽ ڊرائيور زخمي ٿي پيو، شهيد اهلڪارن جا مڙهه اسپتال منتقل ڪيا ويا.پوليس ٻڌايو ته ڌماڪو بوستان روڊ تي ٿيو، واقعي کانپوءِ علائقي جو گهيرو ڪري جاچ شروع ڪئي وئي.
ڪنوارين سان گڏ پرڻيل عورتون به فهد مصطفيٰ جون عاشق بڻجي ويون آهن: عتيقه اوڍو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سينيئر اداڪارا عتيقه اوڍو فهد مصطفيٰ جي اداڪاري جي واکاڻ ڪندي دعويٰ ڪئي آهي ته سندس نئين ڊرامي نشر ٿيڻ کانپوءِ سڄي ملڪ جون ڪنواريون ۽ پرڻيل عورتون اداڪار جون عاشق بڻجي ويون آهن.عتيقه اوڍو هڪ پروگرام شرڪت ڪئي جتي هن فهد مصطفيٰ ۽ هانيا عامر جي ڊرامي ” ڪڀي مين، ڪڀي تم “ تي تبصرو ڪندي ٻنهي جي واکاڻ ڪئي.سي...
”جنهن ڏينهن عمران خان روڊن تي اچڻ جو چيو ته توهان کان بنگلاديش وسري ويندو“
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته جنهن ڏينهن عمران خان روڊن تي اچڻ جو چيو ته توهان کان بنگلاديش وسري ويندو.قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي بئريسٽر گوهر چيو ته اسان پاڪستان کي روانڊا نٿا بڻائڻ چاهيون، اقتدار اچڻي وڃڻي شئي آهي، اختلاف ختم ڪيو، جيڪڏهن اسان حالتن کي نه سمجهيو ته پارليامينٽ ...
مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي وضاحت تي اليڪشن ڪميشن جو ردعمل اچي ويو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مخصوص سيٽن بابت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي 8 ججن جي وضاحتي فيصلي کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جو ردعمل سامهون اچي ويو.ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته اهو تاثر درست ناهي ته بئريسٽر گوهر کي پي ٽي آءِ چيئرمين تسليم ڪيو ويو، ڇو ته سياسي جماعت جي انٽرا پارٽي اليڪشن جو معاملو اڃا تائين اليڪشن ڪميشن ۾ غور هيٺ آهي...
فيسبوڪ باني جي ڪيريئرجي سڀ کان وڏي غلطي ڪهڙي هئي؟
سوشل ميڊيا ڪمپني ميٽا جي سي اِي او مارڪ زڪربرگ پنهنجي ڪيريئر جي سڀ کان وڏي غلطي جو اعتراف ڪري ورتو.ويجهڙ ۾ هڪ پوڊ ڪاسٽ دوران مارڪ زڪربرگ پنهنجي ڪيريئر بابت ڪيئي انڪشاف ڪيا، انٽرويو دوران زڪربرگ پنهنجي ڪيريئر جي سڀ کان وڏي غلطي جو اعتراف ڪندي چيو ته سندس ڪيريئر جي سڀ کان وڏي غلطي ” غلط سياسي حساب ڪتاب “ هئي.پرڏيهي ميڊيا...
پوپٽ سمگل ڪرڻ تي اٽلي جي ٻن شهرين تي ڳرو ڏنڊ
سريلنڪا ۾ اٽلي جي ٻن شهرين تي پوپٽ سمگل ڪرڻ جي الزام وڏو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب اٽلي سان واسطو رکندڙ ٻه شهري موڪلون ملهائڻ سريلنڪا آيا هئا، جتي هنن بنا اجازت جي پوپٽن کي پڪڙيو.ميڊيا رپورٽن موجب انهن ٻنهي سياحن سريلنڪا جي يالا نيشنل سفاري پارڪ مان 92 قسمن جي پوپٽن سميت سوين مقامي جيتن کي سمگل ڪرڻ جي ڪوشش...
شاهين سان ” ناانصافي “ ڪئي وئي، اڳوڻي ڪپتان خاموشي ٽوڙي ڇڏي
ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان معين خان به شاهين آفريدي کي ٽي ٽوئنٽي جي ڪپتاني تان هٽائڻ ۽ بابر اعظم کي ٻيهر قيادت سونپڻ تي خاموشي ٽوڙي ڇڏي.هڪ بيان ۾ معين خان چيو ته شاهين آفريدي کي رڳو هڪ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي بنياد تي ڪپتاني تان هٽائڻ” غير منصفاڻو“ عمل هو کيس وڌيڪ وڌيڪ ڏيڻ گهرجي ها.هن چيو ته شاهين آفريد...
”منهنجي جان ڇڏايو“ ڊاڪٽر نرس جي جنوني محبت مان بيزار ٿي عدالت پهچي ويو
محبت ۾ ڪجهه ماڻهو جنوني ٿي ويندا آهن ۽ پنهنجي محبوب کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه به ڪندا آهن، اهڙو ئي هڪ واقعو انگلينڊ ۾ پيش آيو، جتي هڪ عورت نرس ڊاڪٽر جي پويان پئجي وئي، جنهن تي ڊاڪٽر تنگ ٿي عدالت پئجي ويو.پرڏيهي ميڊيا موجب انگلينڊ جي هڪ اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ 30 ورهين جي صوفي ڪول وِل نالي نرس 54 ورهين جي ڊينٽسٽ ڊاڪٽر ڊيوڊ جي عشق ...
مصور صفي سومرو جي گم ڄاڻايل فن پارن جو پاڪستاني ڊرامي ۾ استعمال، سوشل ميڊيا تي…
هونئن ته گم ٿيل شيون اوچتو ملي وڃن ته تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي پر جيڪڏهن اِها ئي شئي اوهان کي ٽي وي اسڪرين تي ڪنهن ڊرامي جي منظر ۾ نظر اچي وڃي ته اِهو يقينن اوهان جي حقيقي زندگيءَ ۾ ڪنهن ڊرامائي موڙ کان گهٽ ناهي.اوهان ضرور ان سين کي ڪيئي ڀيرا ريوائينڊ ڪري ڏسندئو، اِهو يقين ڪرڻ لاءِ ته ڇا اوهان جيڪو ڏٺو اهو سچ آهي ؟اهڙي...
مخصوص سيٽن بابت فيصلي تي عملدرآمد نه ڪرڻ جا سنگين نتيجا هوندا: سپريم ڪورٽ
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي 8 رڪني بئنچ مخصوص سيٽن جي ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن ۽ تحريڪ انصاف جي درخواستن تي وضاحت جاري ڪري ڇڏي.سپريم ڪورٽ جي اڪثريتي فيصلو ڏيندڙ ججن وضاحت ۾ چيو آهي ته 12 جولاءِ جي فيصلي ۾ ڪو شڪ شبهو ناهي، سپريم ڪورٽ جو 12 جولاءِ جو شارٽ آرڊر واضح آهي ۽ اليڪشن ڪميشن ان حڪم کي غير ضروري طور ڏکيو بڻايو ...
” هاڻي اڪيلي ڊپ ٿئي ٿو“ روينا ٽنڊن سان لنڊن ۾ ڇا ٿيو؟
ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا روينا ٽنڊن چيو آهي ته لنڊن ۾ سيلفي لاءِ آيل ماڻهن ڊيڄاري ڇڏيو هو.اداڪارا روينا ٽنڊن سوشل ميڊيا تي بيان ۾ چيو ته هوءَ لنڊن جي هڪ روڊ تي اڪيلي وڃي رهي هئي ان دوران ڪجهه مرد سندس ويجهو آيا ۽ پڇيو ته ڇا مان روينا ٽنڊن آهيان ۽ ساڻس سيلفي جي خواهش ظاهر ڪئي.اداڪارا چيو ته لنڊن ۾ ڏ...
عائشا عمر جي بولڊ وڊيو وائرل؟
ڪراچي (ويب ڊيسڪ )مشهور مزاحيه ڊامي بُلبلي ذريعي جي شهرت جون بلنديون ڇهندڙ اداڪارا عائشا عمر کي پنهنجي همشڪل جي وائرل وڊيو مُنجهائي ڇڏيو آهي.پاڪستان شوبز انڊسٽريءَ جي مشهور اداڪارا ۽ ماڊل عائشا عمر چيو ته انسٽاگرام تي سندس همشڪل جي ڊانس جي وڊيو تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي.عائشا عمر وڊيو ڏسڻ کانپوءِ انسٽا اسٽوري تي سوال ...
سون اگهه ۾ بنا بريڪ واڌ، وڌيڪ مهانگو ٿي ويو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي قيمت نئين رڪارڊ سطح تي پهچي وئي آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، پاڪستان ۾ في تولو سون چار سئو رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 66 هزار 3 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 343 رپيا واڌ کانپوءِ 2 لک 28 هزا...
عمران خان کي آرمي چيف بابت ڏنل بيان تي نتيجا ڀوڳڻا پوندا: بلاول
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪالهه عمران خان توهينِ عدالت ڪئي ۽ آرمي چيف تي الزام مڙهيا آهن، جيڪڏهن اِهو بيان عمران خان ڏنو آهي ته آئين تحت کيس نتيجا ڀوڳڻا پوندا.قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي پ پ چيئرمين چيو ته ڏکڻ پنجاب جي تنظيم کي ڀيٽا پيش ڪيان ٿو، ڏکڻ پنجاب ووٽ جي طاقت سان ڄمي ...
عدالت جو پي ٽي آءِ اڳواڻ شعيب شاهين کي ترت آزاد ڪرڻ جو حڪم
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ شعيب شاهين جي ضمانت جي درخواست منظور ڪندي کيس ترت آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي ڊيوٽي جج طاهر عباس سپرا سنگجاني ٿاڻي ۾ داخل ڪيس ۾ شعيب شاهين جي گرفتاري کانپوءِ واري ضمانت منظوري ڪري ورتي.اي ٽي سي ڪورٽ شعيب شاهين جي ه...
هجوم ۾ بيٺل همراهه کي چماٽ ڇو هنئي؟ ايشا ديول سبب ٻڌائي ڇڏيو
ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا اِيشا ديول انڪشاف ڪيو آهي ته هوءَ ماضيءَ ۾ اڻوڻندڙ طريقي سان ڇُهڻ تي هجوم ۾ بيٺل شخص کي چماٽ وهائي چڪي آهي.ويجهڙ ۾ ڀارت جي هڪ ٽي وي شو دوران ايشا ديول ماضيءَ جو هو قصو ٻڌائيندي چيو ته هوءَ 2005ع ۾ پوني ۾” دس “ فلم جي پريميئر واري تقريب موجود هئي جتي سيڪيورٽي اهلڪارن جي موجودگيءَ ۾ هڪ ه...
ڊبليو ايڇ او پاران منڪي پاڪس جي پهرين ويڪسين جي منظوري
نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) صحت جي عالمي اداري ( ڊبليو ايڇ او ) منڪي پاڪس جي پهرين ويڪسين جي منظوري ڏئي ڇڏي.پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڊبليو ايڇ او منڪي پاڪس جي پهرين ويڪسين ايم وي اي، بي اين جي منظوري ڏئي ڇڏي ۽ منڪي پاڪس جي ويڪسين 18 سال يا ان کان وڏي عمر جي ماڻهن کي چئن هفتن جي فرق سان ٻن خوراڪن ۾ ڏني ويندي.ميڊيا رپورٽس موجب...
20 رپين جي ڪرنسي نوٽ تان ”موهن جو دڙو“ هٽائڻ تي سنڌ حڪومت جو سخت ردعمل
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه 20 رپين جي نئين ڪرنسي نوٽ تي اعتراض واريندي اسٽيٽ بئنڪ کي خط لکي ڇڏيو.ڪرنسي نوٽ تان موهن جي دڙي جي تصوير هٽائڻ جي معاملي تي اسٽيٽ بئنڪ گورنر کي لکيل خط ۾ ذوالفقار علي شاهه چيو ته 10 رپين جي نوٽ تي 1970 ۾ موهن جي دڙي جي تصوير موجود هئي، پوءِ 20 رپين ج...
اسلام آباد مان اڳواڻن جون گرفتاريون، پي ٽي آءِ پختونخوا قيادت ۾ ويڇا گهٽجڻ لڳا
پشاور (ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس مان پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اڳواڻن جي گرفتاري کانپوءِ پي ٽي آءِ خيبرپختونخوا جي اندروني اختلافن ۾ گهٽتائي اچڻ لڳي آهي.گرفتارين کانپوءِ اڳوڻي صوبائي وزير شڪيل خان ۽ جنيد اڪبر سميت ناراض اڳواڻ به وڏي وزير علي امين گنڊاپور سان گڏ هڪ پيج تي اچي ويا آهن ۽ برطرف وزير شڪيل خان ا...
آئيني ترميمن ۾ نئين عدالت جي جوڙجڪ جي تجويز به شامل، تفصيل سامهون اچي ويا
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت طرفان قومي اسيمبلي ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيل آئيني ترميمي بِل جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.ذريعن موجب، آئيني پئڪيج ۾ ميثاق جهموريت تحت آئيني عدالت جي قيام جو امڪان آهي جڏهن ته نئين چيف جسٽس سان گڏ نئين آئيني عدالت جي قيام جي تجويز به غور هيٺ آهي، آئيني عدالت لاءِ ڌار چيف جسٽس جي مقرريءَ جي جتوي...
حڪومت آئيني ترميم جي منظوري لاءِ سينيٽ ۾ به ڏکيائين جو شڪار
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) آئيني ترميم جي سينيٽ مان منظوري واري معاملي تي حڪومت کي ايوانِ بالا يعني مٿئين ايوان ۾ ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.حڪومت ذريعن موجب، سينيٽ ۾ آئيني ترميم لاءِ حڪومت کي 64 ميمبرن هي حمايت گهربل آهي جنهن ۾ جي يو آءِ (ف) جا پنج ووٽ حڪومت کي ملڻ جي صورت ۾ حڪومت کي 64 ميمبرن جي حمايت حاصل ٿي وين...
قانون ٺاهڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي، نمبر پورا هوندا ته بل پاس ٿيندو : سينيٽ چيئرمين
ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته موجوده حالتن جو حل چونڊون ناهن، قانون ٺاهڻ پارليامينٽ جو ڪم آهي، نمبر پورا هوندا ته بل پاس ٿيندو.ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي يوسف رضا گيلاني چيو ته جڏهن هو وزيراعظم هو ته اعلان ڪيو ته هن ملڪ کي هڪ پارٽي نٿي هلائي سگهي، ملڪي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ ضروري آهي.سن...
پاڪستاني ڄائي آمريڪي سياستدان جو ڪئليفورينا مان چونڊ وڙهڻ جو اعلان
آرٽيشيا ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستاني ڄائي آمريڪي علي سجاد ڪئليفورنيا اسيمبلي جي اليڪشن وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.علي سجاد ڪئليفورنيا جي شهر آرٽيشيا جو ٽيون ڀيرو ميئر چونڊيو ويو آهي، هو ڊيمو ڪريٽ پارٽي جي ڪئليفورنيا سان ڊيلي گيٽ به آهي.پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، علي سجاد ڪئليفورنيا جي ڊسٽرڪٽ 67 تان چونڊ وڙهڻ جو خواهشمند آهي.علي سج...
جَي يو آءِ آئيني ترميم جي حمايت ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪندي يا نه؟ فضل الرحمان ٻڌائي ڇڏيو
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ واريون حالتون ناهن، آئيني ترميم بابت پنهنجي پارٽيءَ جي پوزيشن واضح ڪري ڇڏي آهي ته هو ووٽ نه ڏيندا.قومي اسيمبلي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته ڪي پي جي مختلف ضلعن ۾ امن امان جي صورتحال ٺيڪ ناهي، ڇ...
وفاقي سرڪاري ادارن کي رڳو اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلون خريدڻ جو حڪم
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ اليڪٽرڪ گاڏين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، اليڪٽرڪ گاڏيون نه رڳو پيٽرول ۽ ڊيزل جي درآمد سان قيمتي پرڏيهي مٽاسٽا جي بچت ڪنديون پر اهي گاڏيون ماحول دوست به هونديون.وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ ب...
ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي: ڀارت جي سخت مقابلي کانپوءِ پاڪستان کي شڪست
ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارت پاڪستان کي سخت مقابلي کانپوءِ شڪست ڏئي ڇڏي.چين ۾ جاري ايشين هاڪي چيمپيئنز ٽرافي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي ٽيمن وچ ۾ دلچسپ مقابلو ٿهيو، ميچ شروع ٿيندي ئي ڇهين منٽ ۾ احمد نديم گول ڪري پاڪستان کي برتري ڏياري پر اِها برتري گهڻي دير برقرار نه رهي ۽ ٻارنهين منٽ ۾ ڀارت کي پئنالٽي ڪارنر مليو جنهن تي ...
پاڪ پي ڊبليو ڊي جون رٿائون صوبائي حڪومتن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو فيصلو
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) حڪومت پاڪ پي ڊبليو ڊي جون پي ايس ڊي پي تحت جاري رٿائون صوبائي حڪومت کي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.ذريعن موجب، پي ايس ڊي پي ۾ شامل رٿائون وفاقي ڪابينا جي منظوري سان منتقل ڪيون پيون وڃن، اهڙي ريت پنجاب حڪومت کي پي ايس ڊي پي جون 52 رٿائون منتقل ڪيو وينديون.ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت کي 27 پي اي...
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو شير افضل کي ڪنهن به ڪيس ۾ بنا اجازت گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت کي ڪنهن به ڪيس ۾ بنا اجازت گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.جسٽس ثمن رفعت امتياز شير افضل مروت جي درخواست تي لکت ۾ حڪمنامو جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ هاءِ ڪورٽ طرفان گهرو سيڪريٽري، آءِ جي اسلام آباد، آءِ جي پنجاب، ايف آءِ اي کي نوٽيسز جاري ڪيا ويا آهن.لکت ۾ ج...
رات جي اونداهي ۾ قانون سازي ناهي ٿيندي: پي ٽي آءِ چيئرمين
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو آهي ته آئيني ترميمن وارو بل پيش ڪرڻ قاعدن ۽ ظابطن جي ڀڃڪڙي هوندو، رات جي اونداهي ۾ قانون سازي ناهي ٿيندي.اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته موجودا حڪومت سان شڪايت رهندي ته رات جي اونداهي ۾ قانوني سازي ناهي ڪبي، اسان سدائين چيو آهي ته جيڪا...
وزيراعظم جي مولانا فضل الرحمان سان ملاقات جي اندورني ڪهاڻي سامهون اچي وئي
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف جي رات دير سان قانوني ٽيم سان گڏ جمعيت علماءَ اسلام (ف ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات جي اندورني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.ذريعن موجب، رات دير وزيراعظم پنهنجي قانوني ٽيم سان گڏ مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه پهتو جتي هن مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي.ذريعن جو چوڻ آ...
علي امين گنڊاپور کي لائين ڪراس نه ڪرڻ جي وارننگ
اسلام آباد (نجم سيٺي): خيبرپختونخواه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي 8 سيپٽمبر واري جلسي کانپوءِ  پراسرار گمشدگي بعد معلوم ٿيو آهي ته اسٽيبلشمنٽ کيس گهرائي سمجهايو ته ايترو سخت نه ٿيو، مٿس ڪو به تشدد نه ڪيو ويو هو. کيس لائين ڪراس ڪرڻ جي وارننگ ڏني وئي. علي امين گنڊاپور عمران خان ۽ اسٽيبلشمنٽ ٻنهي جو ماڻهو آهي، ان لاءِ ...
جوهي ۾ صديون پراڻو مندر ڊاهي قبضي جي ڪوشش، جوابدار گرفتار
جوهي (رپورٽ:  ايم اسماعيل پيرزادو) جوهي جي تاريخي مندر کي ڊاهڻ جي الزام هيٺ جوهي پوليس هڪ شخص کي گرفتار ڪري ورتو، جوهي شهر جي ڳتيل آبادي ۾ واقع 200 سال پراڻي مندر کي اڪبر چانڊيو ناهي شخص ڊاهي رهيو هو ته شهرين جي اطلاع تي پوليس پهچي کيس گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب گرفتار شخص جو ذهني توازن درست نٿو لڳي، جيڪو چوي ٿو ته هن...
ارسا جي قانون ۾ترميمن سان انڊس ريور سسٽم تباھه ٿي ويندو:زين شاهه
نوشهروفيروز/ڏهرڪي ( نمائندن وٽان ) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه چيو ته ارسا جي قانون ۾ ترميمون  آڻڻ سان انڊس ريور سسٽم تباھه ٿي ويندو، ھن چيو ته ارسا ايڪٽ پاڻي جي ورھاست ۽ 1991  پاڻي ٺاھه تي وڏن خدشن باوجود سنڌ واسين ان معاھدي کي قبول ڪيو، ايوان صدر ۾ اجلاس سڏائي ارسا ايڪٽ ۾ ترميمون ڪرڻ ۽ 1991 پاڻي ٺاھ...
سپريم جڊيشل ڪائونسل اجلاس ۾ چيف جسٽس ۽ جسٽس منيب ۾ ڏند چڪ
اسلام آباد( معظم فخر): اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سميت ملڪ جي چئني هاءِ ڪورٽس ۾ ججن جي مقرريءَ متعلق سپريم ڪورٽ ۾ ٿيل اجلاس سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن وچ ۾ ڇڪتان، ججن جا هڪ ٻئي خلاف تلخ ريمارڪس ۽ اجلاس مان واڪ آئون، سپريم ڪورٽ جي ڪافي ججن متعلق اها راءِ به موجود آهي ته اهي جج پنهنجي عدالتي دائري ۾ رهند...
گنڊاپور الڳ پرڏيهي پاليسي ڏئي وفاق کان عليحدگيءَ جو اعلان ڪيو آهي
اسلام آباد( مبشر لقمان) خيبر پختون خواهه جي علحدگيءَ جي سازش جا سرا ست سمنڊ پار وڃي ملن ٿا، خيبر پختون خواهه جي تبديلي سرڪار خيبرپختون خواهه جي هڪ وفاقي يونٽ هوندي به ملڪ جي آئين کان بغاوت ڪندي هڪ وڌيڪ ريڊ لائن پار ڪري ڇڏي آهي. خيبرپختون خواهه جي وڏي وزير گذريل ڏينهن پشاور پهچڻ بعد پنهنجي صوبي جي الڳ  سان پرڏيهي پاليسي...
سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسينِ : رياض چانڊيو
ڪراچي ( پ ر )  جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو آھي ته هن ملڪ ۾ پاڻي ٺاھه هجن يا وسيلن جي ورڇ هجي  يا سنڌ جا پيدا واري وسيلا هجن انهن جي هميشه بيدردي سان لٽمار ڪئي وئي آھي ۽ سڀني ٺاهن جي توهين ڪئي وئي آھي،  جڏھن ته پنجاب 1945 جي پاڻي ٺاھه تي عمل نه ڪيو 91 جي ٺاھه تي پنجاب عمل نٿو ڪري ته نئون ٺاهھ ڪهڙو ٺاهيو پي...
افغانستان بابت وزيراعظم جي خاص مددگار عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) افغانستان بابت وزيراعظم جي خاص مددگار آصف دراني عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.ذريعن موجب آصف دراني مئي 2023 ۾ عهدو سنڀاليو هو، سندس استعيفيٰ کانپوءِ پاڪستان جي افغانستان لاءِ خاص نمائندي جي جاءِ خالي ٿي وئي آهي.
مستونگ ۾ احتجاج ڪندڙن جي روڊ کولرائڻ لاءِ ويل ليويز ٽيم تي فائرنگ، 3 اهلڪار شهيد
مستونگ (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي مستونگ جي درينڳڙهه واري علائقي ۾ فائرنگ سان 3 ليويز اهلڪار شهيد ٿي ويا.ليويز اختيارين موجب هڪ شخص جي آزادي لاءِ احتجاج جاري هو، روڊ کولرائڻ لاءِ ويندڙ ٽيم تي احتجاج ڪندڙن فائرنگ ڪئي.ليويز اختيارين ٻڌايو ته فائرنگ جي واقعي ۾ 3 اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا، زخمين کي اسپتال نيو ويو، جتي س...
آئيني ترميم جي منظوري ۾ زور زبردستي نه هجڻ گهرجي: بلاول ڀٽو زرداري
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيستائين اتفاق نٿو ٿئي، ڪا به اهم ترميم آڻڻ ۽ ان جي منظوري ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي، ان معاملي ۾ زور زبردستي نه هجڻ گهرجي.پارليامينٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن ڪو اهڙي قسم جي ترميم منظور ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته اهو ذوالفقار علي ڀٽو هو...
عمران خان جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان ڌمڪي جوڳي پوسٽ جي جاچ شروع
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي جاچ ايجنسي (ايف آءِ اي) جي سائبر ڪرائم ونگ پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي آفيشل سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان ڌمڪي جوڳي پوسٽ تي جاچ شروع ڪري ڇڏي.ذريعن موجب ايف آءِ اي سائبر ڪرائم ونگ اسلام آباد جي سينيئر آفيسرن جي سربراهي ۾ 4 رڪني ٽيم جوڙي وئي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته سائبر ڪرائم ونگ ٽيم ع...
يوڪرين جنگ ۾ مداخلت، روس جو برطانيا خلاف سخت قدم
ماسڪو (ويب ڊيسڪ) يوڪرين جنگ ۾ اولهه ملڪن جي وڌندڙ مداخلت کانپوءِ روس برطانيا جي 6 سفيرن کي ملڪ بدر ڪري ڇڏيو.پرڏيهي ميڊيا موجب روس يوڪرين جنگ ۾ وڌندڙ مداخلت کي ڏسندي برطانيا جي 6 سفارتڪارن جا اجازت ناما واپس وٺي کيس ملڪ بدر ڪري ڇڏيو.روس جي وفاقي سيڪيورٽي سروس ايجنسي (ايف ايس بي) جو چوڻ آهي ته جن سفيرن جا اجازت ناما واپس...
هڪ ڪروڙ وٺو ۽ ملڪ ڇڏيو، پناهگيرن کي وڏي آڇ
يورپي ملڪ سوئيڊن رضاڪاراڻي طور پنهنجي ملڪ واپس ويندڙ پناهگيرن لاءِ معاوضي ۾ وڏي واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو.سوئيڊن ڪيتري ئي عرصي کان ٻين ملڪن جي شهرين کي پناهه ڏيڻ سبب ”هيومنٽيرين سپر پاور“ طور به ڃاتو ويندو آهي پر هاڻ گذريل ڪجهه عرصي کان پناهگيرن جي حوالي سان ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيو آهي.تنهن ڪري سوئيڊن طرفان پناهگيرن جي وا...
قلات ۾ بارودي مواد جو ڌماڪو، قانون لاڳو ڪندڙ اداري جا 8 اهلڪار زخمي
قلات (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي قلات جي علائقي تخت جوهان ۾ روڊ ڪناري رکيل بارودي مواد جو ڌماڪو ٿيو آهي.ضلعي انتظاميا موجب روڊ ڪناري رکيل بارودي مواد جو ڌماڪو قانون لاڳو ڪندڙ اداري جي گاڏي گذرڻ وقت ٿيو.ضلعي انتظاميا ٻڌايو ته قلات ڌماڪي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اداري جا 8 اهلڪار زخمي ٿيا، واقعي بابت وڌيڪ ڄاڻ گڏ ڪئي پئي وڃي ۽ ج...
سعودي عرب ۾ دنيا جو پهريون روبوٽڪ هارٽ ٽرانسپلانٽ ڪاميابي سان مڪمل
سعودي عرب جي ڪنگ فيصل اسپيشلسٽ هاسپيٽل اينڊ ريسرچ سينٽر (ڪي ايف ايس ايڇ آر سي) دنيا ۾ پهريون ڀيرو روبوٽڪ طريقي سان دل جو ٽرانسپلانٽ ڪيو آهي.اها هڪ وڏي طبي اڳڀرائي آهي ۽ روبوٽڪ طريقي سان دل جي پيوندڪاري هڪ 16 ورهين جي مريض ۾ ڪاميابي سان ڪئي وئي.اهو مريض هارٽ فيليئر جي سنگين شدت کي منهن ڏئي رهيو هو ۽ اڍائي ڪلاڪن جي آپريش...
ٽوئنڪل سان شادي ڪيئن ٿي؟ اڪشي ڪمار جو دلچسپ انڪشاف
ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اسٽار اڪشي ڪمار ۽ اڳوڻي اداڪارا ٽوئنڪل کنا جي شادي کي مداحن سدائين مثالي قرار ڏنو آهي.اڪشي ڪمار هڪ انٽرويو ۾ پنهنجي غير امڪاني شادي بابت دلچسپ انڪشاف ڪندي چيو ته هن ڪڏهن به زندگيءَ ۾ نه سوچيو هو ته راجيش کنا جي ڌيءَ سان سندس شادي ٿيندي.اداڪارا پنهنجي شروعاتي ڏينهن کي ياد ڪندي چيو ته سندس راجي...
ڪراچي ايئرپورٽ تي بحرين ويندڙ مسافر جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هيروئن هٿ
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورسز ڪراچي ايئرپورٽ تي بحرين ويندڙ مسافر جي سامان مان سوا ڪلو کان وڌيڪ هيروئن برآمد ڪري ورتي.اي ايس ايف ترجمان موجب مسافر محمد شعيب بحرين وڃڻ لاءِ جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهتو هو، جتي سامان جي تلاشي دوران اي ايس ايف جي ماهر عملي مسافر جي ٿيلهي کي شڪي قرار ڏنو.اي ايس ايف موجب سامان جي...
عمران خان جي هڪ ڏهاڪي کانپوءِ فلمي دنيا ۾ واپسي
ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جو مشهور اداڪار عمران خان هڪ ڏهاڪي جي ڊگهي وقفي کانپوءِ ٻيهر اسڪرين تي جلوا وکيرڻ لاءِ تيار آهي ۽ سندس واپسي هڪ دلچسپ نيٽ فلڪس رومانوي ڪاميڊي ذريعي ٿيندي.پرڏيهي ميڊيا موجب، ان پروجيڪٽ کي عامر خان پروڊڪشنز پرڊيوس ڪري رهي آهي يعني ان پروجيڪٽ ذريعي سندس مامو عامر خان او ٽي ٽي پليٽ تي قدم رکندو.ر...
نرس زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ ڊاڪٽر جو نازڪ عضوو ڪپي ڇڏيو
نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اسپتالن ۾ عورت عملي سان روز زيادتي جا واقعا سامهون اچي رهيا آهن، تازي واقعي ۾ هڪ نرس زيادتي جي ڪوشش دوران ڊاڪٽر جو نازڪ عضوو ڪپي ڇڏيو.ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو گذريل ڏينهن بهار جي هڪ نجي اسپتال ۾ پيش آيو، جتي نرس مبينا طور زيادتي جي ڪوشش ڪندڙ ڊاڪٽر جو تکي اوزار سان نازڪ عضوو ڪپي ڇڏيو ۽ فرا...
ڀارتي سپريم ڪورٽ اروند ڪجريوال جي ضمانت تي آزادي جو حڪم ڏئي ڇڏيو
نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي سپريم ڪورٽ شراب پاليسي ڪيس ۾ نئين دهلي جي وڏي وزير اروند ڪجريوال جي ضمانت منظور ڪري ورتي.ڀارتي ميڊيا موجب سپريم ڪورٽ شراب پاليسي ڪيس ۾ جاچ ايجنسي سي بي آءِ طرفان عام آدمي پارٽي جي اڳواڻ ۽ دهلي جي وڏي وزير اروند ڪجريوال جي گرفتاري کي بنا جواز قرار ڏنو ۽ کيس ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.ڀارتي س...
رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر وڌيڪ سستو ٿي ويو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر وڌيڪ سستو ٿي ويو.اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر 28 پئسا سستو ٿي 278 رپين 16 پئسن تي بند ٿيو.هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 10 پئسا سستو ٿيڻ کانپوءِ 280 رپين 75 پئسن جو ٿي ويو آهي.
سون جو اگهه تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۽ ملڪ ۾ سون جو اگهه تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.آمريڪي وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جي اميدن تي مهانگي ٿيندڙ سون کي گذريل ڏينهن يورپي سينٽرل بئنڪ جي وياج جي شرح ۾ گهٽتائي جي فيصلي نئون زور ڏنو آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 51 ڊالر وڌي ٻه...
جيڪو وڻي ويو بنا هٻڪ جي ان سان محبت جو اظهار ڪنديس: حنا آفريدي
ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) نوجوان ماڊل ۽ اداڪارا حنا آفريدي چيو آهي ته کيس جڏهن به ڪو شخص پسند ايندو سان بنا شرمائڻ جي ان سان محبت جو اظهار ڪندي.ماضي ۾ هڪ انٽرويوءَ ۾ حنا آفريدي محبت جي موضوع تي خيالن جو اظهار ڪيو، اداڪارا ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي ڊرامي جي هڪ ڪردار جهڙي ڇوڪري آهي ۽ کيس لڳي ٿو ته جڏهن هن کي ڪو ڇوڪرو پسند ايندو ته هو...
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾ موڪل جو اعلان
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾ عيد ميلاد النبي صه جي موڪل جو اعلان ڪيو ويو.هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي منظوري کانپوءِ رجسٽرار آفيس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ ماتحت عدالتن ۾ 12 ربيع الاول تي موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.نوٽيفڪيشن موجب 17 سيپٽمبر اڱاري تي هاءِ ڪورٽ ۽ سيشن ڪورٽ بند رهنديون.
پ پ ملڪ ۾ نفرت جي سياست کي دفن ڪندي: شرجيل ميمڻ
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پ پ ترقي، استحڪام ۽ سڀني جي روشن مستقبل لاءِ ڪوششن ۾ آهي.شرجيل ميمڻ اين اي 171 رحيم يار خان تي پ پ اميدوار مخدوم طاهر رشيد کي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني.هن چيو ته ضمني اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ کي بدترين شڪست ملي آهي، چونڊ ۾ ڪنهن کي به فارم 45 ۽ 47 جي بنياد تي الزام تراشي...
ڪي اليڪٽرڪ جو لائسنس معطل ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي جي اسپيشل ڪميٽي قائم
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪي اليڪٽرڪ جو لائسنس معطل ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي جي اسپيشل ڪميٽي جوڙي وئي آهي.لائسنس معطل ڪرڻ بابت ٺهراءَ تي ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ڪميٽي طرفان حيسڪو ۽ سيپڪو جي ڪارڪردگي جو جائزو به ورتو ويندو.اها اسپيشل ڪميٽي اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي سميت 11 ميمبرن تي ٻڌل هوندي، جڏهن ته فياض ٻٽ کي ڪميٽي جو سربراهه مقرر ڪيو...
گهوٽڪي ۾ روڊ جو ڪم مڪمل نه ٿيڻ جون خبرون عوامي آواز ۾ ڇپجڻ تي عدالت جو نوٽيس
گهوٽڪي (ڊ ر) گھوٽڪي جي لاکو لنجاري روڊ جو ڪم رولڙي جو شڪار ھجڻ جون خبرون عوامي آواز ۾ شايع ٿيڻ جو ڊسٽرڪٽ ايڊ سيشن جج گھوٽڪي نوٽيس وٺندي ايگزيڪيوٽو انجنيئر روڊس کي طلب ڪندي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گھوٽڪي عبدالقدوس ميمڻ جي عدالت ايگزيڪيوٽو انجنيئر روڊس کي ھڪ ليٽر نمبر 9271 جاري ڪندي عوامي آواز پاران تاريخ...
اڳوڻي پاڪستاني ڪپتان شعيب ملڪ تي ميچ فڪسنگ جو الزام
ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڪرڪيٽر باسط علي شعيب ملڪ کي چيمپيئنز ڪپ لاءِ اسٽالينز ٽيم جو مينٽور بڻائڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.اڳوڻو بيٽر ۽ ڪوچ سميت ڪيئي اهم عهدن تي رهندڙ باسط علي پنهنجي يوٽيوب چئنل تي ڳالهائيندي شعيب ملڪ تي ميچ فڪسنگ جو الزام لڳائيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کي ثبوت گهرجي ته ڏيڻ لا...
چين ۽ ويٽنام کانپوءِ ”ياگي“ جي ٿائلينڊ ۽ ميانمار ۾ تباهي
ايشيا جي هلندڙ سال جي سڀ کان طاقتور طوفان ياگي جون تباهيون جاري آهن.پرڏيهي ميڊيا موجب سامونڊي طوفان چين، فلپائن ۽ ويٽنام کانپوءِ هاڻ ٿائلينڊ، لائوس ۽ ميانمار ۾ تباهيون شروع ڪيون آهن.ياگي طوفان سبب ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ تيز برساتن، خطرناڪ لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻوڏ سبب خطي ۾ لکين ماڻهو متاثر آهن.پرڏيهي ميڊيا موجب هزارين گهر ٻڏي ويا...
نئين وبا جي خطري بل گيٽس جي راتين جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي
مائيڪرو سافٽ جي شريڪ باني بل گيٽس ڊگهي عرصي کان ماڻهن کي مختلف مسئلن جهڙوڪ موسمياتي تباهي، سائيبر اٽيڪ ۽ ٻين جي حوالي سان خبردار ڪري رهيو آهي.پر هڪ شئي اهڙي آهي جيڪا بل گيٽس جي راتين جي ننڊ ڦٽائي ڇڏيندي آهي.هڪ انٽرويوءَ دوران هن ٻڌايو ته اڄوڪي دور ۾ تمام گهڻي بدامني سبب هڪ وڏي جنگ ڇڙي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن اسان هڪ وڏي جنگ ک...
سنڌ ۾ مفت سولر سسٽم، صدر آصف زرداري اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ مفت سولر سسٽم جي فراهمي جي حوالي سان اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.صدر آصف علي زرداري سان وڏي وزير مراد علي شاهه ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صوبائي وزير محمد بخش خان مهر به موجود هئا.ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري سنڌ ۾ ج...
ٻه کان ٽي مهينا اهم، منظور وساڻ وڏي اڳڪٿي ڪري ڇڏي
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ منظور وساڻ ٻه کان ٽي مهينا اهم قرار ڏيندي وڏي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.سياسي اڳڪٿين جي حوالي سان مشهور منظور وساڻ پنهنجي بيان ۾ چيو ته ٻه کان ٽي مهينا وفاقي حڪومت لاءِ اهم آهن، ڪجهه به ٿي سگهي ٿو پر صوبائي حڪومتون قائم رهنديون.هن چيو ته جنهن ڏينهن پ پ جي سپورٽ ختم ٿيندي، ان ڏينهن شهباز شريف مصيبت ۾ هوند...
ڍاڪا کان ڪراچي ويندڙ اڏام جي ڪراچي ۾ هنگامي لينڊنگ
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڍاڪا کان باڪو ويندڙ اڏام ۾ فني خرابي سبب بوئنگ جهاز ڪراچي ۾ هنگامي لينڊنگ ڪئي.ايوي ايشن ذريعن موجب فلاءِ پرو ايئر لائن جي اڏام ايف پي 5202 ڍاڪا کان باڪو وڃي رهي هئي ته ڀارتي فضائي حدن ۾ جهاز ۾ فني خراب پيدا ٿي ۽ جڏهن جهاز پاڪستاني حدن ۾ داخل ٿيو ته فني خرابي برقرار رهي.ذريعن موجب پائلٽ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرو...
ڪراچي جي شهرين لاءِ وڏي خبر
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي شهرين لاءِ سٺي خبر اچي وئي، نئين حب ڪينال جي تعمير جي حوالي سان معاهدي تي صحيحون ٿي ويون، جنهن سان پاڻي جي فراهمي ۾ بهتري ايندي.نئين حب ڪينال جي تعمير لاءِ انجنيئرنگ پروڪيورمنٽ ڪنسٽرڪشن معاهدي تي صحيحون ٿي ويون، معاهدي تي سي اي او واٽر ڪارپوريشن صلاح الدين احمد صحيحون ڪيون.ترجمان موجب صحيحن جي...
افغان نيوزيلينڊ ٽيسٽ ختم، ڇويهه سالن ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن ميچ ۾ هڪ به بال نه هليو!
نوائيڊا (ويب ڊيسڪ)افغانستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ڀارت ۾ شيڊيول واحد ٽيسٽ ميچ برسات جي ورچڙهي وئي.ڀارتي رياست نوائيڊا جي وجئه سنگهه پاٺڪ اسپورٽس ڪمپليڪس ۾ شيڊيول ٽيسٽ ميچ ۾ برسات ۽ خراب آئوٽ فيلڊ سبب ٽاس به نه ٿي سگهي.ٽيسٽ ميچ جا شروعاتي 2 ڏينهن موسم ٺيڪ هئڻ ۽ سج نڪرڻ باوجود آلي آئوٽ فيلڊ سبب ٽاس نه ٿي سگهي، ج...
سٺي خبر، ڪيتريون ئي نيون ايئر لائنز پاڪستان ۾ فلائيٽ آپريشن شروع ڪرڻ لاءِ تيار
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيون ايئر لائنز پاڪستان ۾ فلائيٽ آپريشن شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهن، ان سلسلي ۾ ايئر لائنز سي اي اي کان لائسنس ۽ اجازت نامي لاءِ رابطا ڪيا آهين.هوابازي جي صنعت لاءِ سٺي خبر اچي وئي، ملڪ جي مختلف شهرن لاءِ ڪيترائي نوان ايئر لائنز آپريشن شروع ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.ذريعن موجب جيٽ گرين، ڪيو ايئر ويز، گو گرين ا...
فوج خيبر پختونخواهه پوليس کي سهڪار فراهم ڪندي رهندي: آرمي چيف
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل عاصم منير دشمنن ۽ دهشتگردن جي ڳٺ جوڙ کي گڏيل طور شڪست ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير اورڪزئي ضلعي جو دورو ڪيو، جتي هن وادي تيراه ۾ دهشتگردي خلاف ڪارروائين ۾ حصو وٺندڙ جوانن سان ملاقات ڪئي.ان موقعي تي آرمي چيف کي سيڪيورٽي صورتحال، دهشتگردي خلاف ڪا...
ڪامران اڪمل بابر اعظم جي حمايت ڪري ڇڏي
لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي وڪيٽ ڪيپر بيٽر ڪامران اڪمل ڪپتان تبديل ڪرڻ جي حوالي سان سوال اُٿاري ڇڏيا.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪامران اڪمل چيو ته هيوي ويٽ جڏهن به ايندا آهن ته ڪپتان تبديل ڪرڻ جي ڳالهه ڇو ڪندا آهن، ڇا ڪپتان سندن فيورٽ ناهي هوندو يا هو پنهنجي پسند جو ڪپتان چاهين ٿا.هن چيو ته جڏهن ايش...
غلطي جو احساس ۽ ملاقات جو پيغام، اميتاڀ بچن مائيڪل جيڪسن جو قصو ڇيڙي ڇڏيو
ممبئي (ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ شهنشاهه اميتاڀ بچن انڪشاف ڪيو آهي ته جڏهن هن پهريون ڀيرو آمريڪي پاپ گلوڪار مائيڪل جيڪسن کي پنهنجي سامهون ڏٺو ته هو بيهوش ٿيڻ لڳو هو.پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، اميتاڀ بچن پنهنجي ٽي وي شو ” ڪون بني گا ڪروڙ پتي“ جي 16 هين سيزن جي تازي قسط ۾ مشهور راڳي مائيڪل جيڪسن سان پنهنجي ملاقات جو قصو ٻڌايو.ه...
ڀارت جي اها بازار، جتي عورتون ڪرائي تي ملنديون آهن!
ڀارت ۾ هڪ پاسي جتي عورتن جي تحفظ ۽ انهن جي حقن تي سواليا نشان آهي، اتي ئي وري هندن جون قديمي رسمون ۽ رواج به عورتن لاءِ ڪنهن ظلم ۽ ڏاڍ کان گهٽ ناهن.ڀارت جي هڪ اهڙي ئي راويت ”ڍڍيچا“ آهي، جيڪا مڌيا پرديش جي شيوپوري ڳوٺ ۾ لاڳو آهي.ڍڍيچا روايت تحت ان ڳوٺ جي بازار ۾ عورتن کي شين جيان خريديو ۽ کپايو ويندو آهي، جڏهن ته بازار ...
راحت فتح جواستاد نصرت فتح علي خان بابت وڏو انڪشاف
ٽورنٽو ( ويب ڊيسڪ ) جڳ مشهور پاڪستاني گلوڪار ۽ قوال راحت فتح علي خان انڪشاف ڪيو آهي ته گورن استاد نصرت فتح علي خان جو نالو ” مسٽر الله هو “ رکي ڇڏيو هو.ميڊيا رپورٽس موجب، راحت فتح علي خان ڪئناڊا جي شهر ٽورنٽو ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٽورنٽو ۾ استاد نصرت فتح علي خان صاحب جي گهرواري رهندي هئي، مان اتي ايندو هئس، انڪ...
قومي اسيمبلي اسپيڪر پي ٽي آءِ جي گرفتار ميمبرن جي لاجز کي سب جيل قرار ڏئي ڇڏيو
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اسپيڪر تحريڪ انصاف جي گرفتار 10 ميمبرن جي لاجز کي سب جيل قرار ڏئي ڇڏيو.اياز صادق پي ٽي آءِ ميمبرن جي لاجز کي سب جيل قرار ڏيڻ جي فائل تي صحيحون به ڪري ڇڏيون، جڏهن ته قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ملائيڪا اروڙا جي پيءَ جي پوسٽ مارٽم رپورٽ سامهون اچي وئي
ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ملائيڪا اروڙا جي پيءَ انيل اروڙا جي موت جو ڪارڻ پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ سامهون اچي ويو آهي.ملائيڪا اروڙا جي والد انيل اروڙا ڪجهه ڏينهن اڳ ممبئي جي پوش علائقي باندرا ۾ پنهنجي عمارت جي ڇهين ماڙ سان ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو هو.آپهگات کان اڳ انيل اروڙا پنهنجي نياڻين ملائيڪا ۽ امريتا کي فون ڪئي هئي جن...
نمبر پورا آهن، سڀاڻي قومي اسيمبلي ۾ آئيني ترميم پيش ڪنداسين: خواجا آصف
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته سڀاڻي قومي اسيمبلي ۾ آئيني ترميم پيش ڪئي ويندي.پارليامينٽ جي راهداري ۾ غير رسمي گفتگو ڪندي خواجا آصف چيو ته سڀاني قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرايو پيو وڃي، جنهن تي صحافي سوال ڪيو ته ڇا سڀاڻوڪي اجلاس ۾ آئيني ترميم آندي پئي وڃي؟خواجا آصف جواب ڏنو ته ها سڀاڻي اجلاس ۾ ...
عمران خان، علي امين گنڊاپور جي افغانستان سان سڌي ريت ڳالهين جي بيان جي حمايت ڪري…
راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف باني عمران خان ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي افغانستان سان سڌي ريت ڳالهين جي بيان جي حمايت ڪري ڇڏي.راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته انهن کي علي امين گنڊاپور جا پير پڪڙڻ گهرجن ته خدا جي واسطي وڃي افغانستان سان ڳالهيون ڪيو، ڳالهه ٻولهه بنا دهشتگردي خت...
جهڙي آهيان تهڙي مڙس کي وڻان ٿي ٻيو ڇا کپي؟ ڪرينا ڪپور
ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي سپر اسٽار اداڪارا ڪرينا ڪپور پنهنجي وڌندڙ عمر باوجود جوان نظر اچڻ لاءِ ڪاسميٽڪ سرجري نه ڪرائڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو.هڪ بيان ۾ ڪرينا ڪپور چيو ته شروع کان ئي پنهنجي صلاحيت ۽ قابليت تي يقين رهيو آهي ۽ مان ڄاڻان ٿي مون کي ان ئي بنياد تي ڪم ملندو.هن چيو ته ڪيريئر دوران پنهنجي فٽنس جو خاص خيال رکيو...
جوني ليور عمران خان کي فيورٽ پاڪستاني ڪرڪيٽر قرار ڏئي ڇڏيو
بالي ووڊ جي مزاحيه اداڪار جوني ليور پاڪستان جي اڳوڻن ڪپتانن عمران خان ۽ ظهير عباس کي پسنديدا پاڪستاني ڪرڪيٽر قرار ڏئي ڇڏيو.هڪ انٽرويوءَ دوران جوني ليور پاڪستاني ڪرڪيٽرن ۽ فنڪارن معين اختر، عمر شريف ۽ امان الله سميت ٻين بابت تفصيلي گفتگو ڪئي.انٽرويوءَ دوران ميزبان کائنس پسنديدا پاڪستاني ڪرڪيٽر بابت پڇيو جنهن جي جواب ۾ ج...
عظيم پرتگالي فٽبالر سوشل ميڊيا تي تاريخ رقم ڪري ڇڏي
پرتگال جي ليجنڊري فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي هڪ ٻيو تاريخي ڪارنامو انجام ڏئي ڇڏيو.ڪجهه ڏينهن اڳ ڪرسٽيانو رونالڊو کي يوٽيوب طرفان ڪجهه ڪلاڪن اندر لکين سبسڪرائيب حاصل ڪرڻ تي سلور، گولڊن ۽ ڊائيمنڊ بٽڻ سان نوازيو ويو هو.هاڻ اسٽار فٽبالر سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ تفصيلي پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن لک...
عمران خان جيل مان ٻاهر آيو ته سندس ڪهاڻي ختم ٿي ويندي: فيصل واوڊا
ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وفاقي وزير ۽ موجودا سينيٽر فيصل واوڊا چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان لاءِ جيل ئي فائدي ۾ آهي.سينيٽر فيصل واوڊا نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته پي ٽي آءِ باني جيل کان ٻاهر آيو ته سندس ڪهاڻي ختم ٿي ويندي.سندس چوڻ هوته عمران خان جو جيل ۾ رهڻ ئي سندس فائدي ۾ آهي، جيل ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪندڙ...
سي ٽي ڊي جو لاهور ۾ آپريشن، 2 دهشتگرد مارجي ويا
لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور ۾ سي ٽي ڊي جي دوران ڪارروائي 2 دهشتگرد مارجي ويا.لاهور ۾ ڊيرا غازي خان روڊ تي سي ٽي ڊي ڪارروائي ڪندي فتنه الخوارج جي ٻن دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.سي ٽي ڊي ترجمان موجب ڪارروائي دوران ٻئي دهشتگرد پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا، جڏهن ته 2 دهشتگرد فرار ٿي ويا.سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته دهشتگر...
گنڊا پور ٻه نمبر ماڻهو آهي، سڄي رات ڪوهسار ڪامپليڪس ۾ معافيون وٺندو رهيو: خواجا…
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجا آصف طرفان پارليامينٽ جي ڪارروائي بابت خاص ڪميٽي جي ميمبرشپ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ اعتراض جي نقطي تي ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته قومي اسيمبلي جي خاص ڪميٽي پارليامينٽ جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ قائم ڪئي وئي آهي لڳي ٿو ته خاص ڪميٽي پي ٽي آءِ جا مسئلا ح...
دنيا کي متحد ڪرڻ لاءِ انصاف ۽ برابري ضروري آهي : وزيراعظم
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته غزا ۾ مسلمانن جون تڪليفون عالمي اتحاد جي کليل توهين آهن.گڏيل قومن جي سمٽ آف دي فيوچر جي پهرئين ورچوئل اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته دنيا کي متحد ڪرڻ لاءِ انصاف ۽ برابري ضروري آهي.سندس چوڻ هو ته غزا ۾ مسلمانن جون تڪليفون عالمي اتحاد جي کليل توهين آهن.وزيراعظم...
بئريسٽر گوهر جي خواجا آصف کي وارننگ
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر خواجا آصف کي مخاطب ڪندي چيو آهي ته جڏهن ڳالهايو ته جواب ٻڌڻ جي جرئت به رکو.پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر چيو ته اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر اسيمبليءَ جي فلور تي پوائنٽ آف آرڊر نه مليو انڪري هتي ڳالهائي رهيا آهيون.هن بچاءَ واري وزير کي خبردار ڪندي چي...
ايشيائي ترقياتي بئنڪ مان پاڪستان لاءِ 32 ڪروڙ ڊالر قرض منظور
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ 32 ڪروڙ ڊالرز قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي.ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اِها رقم خيبرپختونخوا ۾ روڊن جي بحالي، ٻهراڙي وارن علائقن کي ڳنڍڻ ۽ سيفٽي وڌائڻ لاءِ خرچ ڪئي ويندي.پڌرائي موجب، قرض جي رقم مان رورل روڊز ڊيولپمينٽ پروجيڪٽ ذريعي 9 سئو ...
جسٽس منيب اختر جڊيشل ڪميشن جو اجلاس اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) جسٽس منيب اختر جڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ پنهنجي تجويز سان اتفاق نه ڪرڻ تان اجلاس اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو.ذريعن موجب، سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس منيب اختر جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ملتوي ڪرڻ جي تجويز ڏني، پر ڪميشن جي ڪنهن رڪن جسٽس منيب اختر جي تجويز سان اتفاق نه ڪيو.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ ججن جي مقرر...
پارليامينٽ هائوس مان گرفتاريون، پي ٽي آءِ اڳواڻن جو جسماني رمانڊ ڪالعدم قرار
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ ايم اين ايز جو اٺن ڏينهن جو رمانڊ ڪالعدم قرار ڏيندي سڀني کي جيل منتقل ڪري ڇڏيو.چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ثمن رفعت امتياز جسماني رمانڊ ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت درخواستن تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جو ڪيس جي ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل سان مڪالمو ڪند...
پيٽرول في ليٽر 12 رپيا سستو ٿيڻ جو امڪان
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سڄي ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي لاٿ جو امڪان آهي.عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ لاٿ سبب پاڪستان ۾ پيٽرول في ليٽر 12 رپيا سستو ٿيڻ جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي.انڊسٽري ذريعن موجب، ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ به 12 رپيا ۽ گاسليٽ جي اگهه ۾ 8 رپيا گهٽتائي جو امڪان آهي.واضح رهي ته 31 آگسٽ تي وزيراعظم شهباز شري...
گريٽر افغانستان جو شوشو، طاقتورن جو اجلاس
اسلام آباد(عمران شفقت)عمران خان ۽ علي امين گنڊاپور پاڪستان ۾ وڳوڙن واري صورتحال پيدا ڪري رهيا آهن، گنڊاپور کان سوال آهي ته ڪي پي ۾ طالبان کي ڪنهن آندو؟ انهن کي توهان،جنرل باجوا،جنرل فيض آندو هو، طالبان کي استعمال ڪري عمران خان پاڪستان کان عليحدگي جي راند کيڏي رهيو آهي ۽ گريٽر افغانستان جي ڳالهين کي هشي ڏني پئي وڃي، اسٽ...
ڪي پي ۾ ٻيهر گورنر راڄ جو پڙاڏو؟
اسلام آباد(حماد حسن)خيبرپختونخوا ۾ گورنر راڄ جون ڳالهيون ٻيهر هلڻ لڳيون، صوبي ۾ اي اين پي ۽ جي يو آءِ کي ڀت سان لڳايو ويو آهي، پي ٽي آءِ کي مڪمل اسپيس ڏنو ويو آهي،شعيب شاهين کي ان ڪري گرفتار ڪيو ويو ڇو ته هڪ وڪيل آهي هن جي حمايت ۾ سمورين پارٽين جا حامي وڪيل روڊن تي نڪري آيا،ان گرفتاري مان لڳي ٿو ته ادارا هڪ صفحي تي ناه...
بلوچ عليحدگي پسند ڪارروائي ڪري ذميواري قبول ڪن ٿا، رياست ڇو نه؟ اختر مينگل
ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر جان مينگل چيو آهي ته عملي طور تي اڄ به ون يونٽ جو نظام لاڳو آهي، حڪمرانن ۽ ڪرتا ڌرتائن بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ ڪڏهن به سڌو ۽ آئيني رستو نه ورتو. نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته پيپلزپارٽي يا مسلم ليگ ن، سڀني جي حڪومتن آڏو بلوچستان مسئلو رکيو، سڀني ک...
حڪومت کي پارليامينٽ مان گرفتارين جو ڪو فائدو نه ٿيو
اسلام آباد (انصار عباسي) 2 ڏينهن گم رهڻ کانپوءِ علي امين گنڊاپور وڪيل سان گڏ تقرير ڪئي، تقرير ٻڌڻ مان لڳي ٿو ته علي امين  گنڊاپور رياست سان تڪرار ڏانهن وڃي رهيو آهي. علي امين گنڊاپور معافي گهرڻ وارو گنڊاپور نه هو، هن سخت قسم جون ڳالهيون ڪيون. هاڻي پي ٽي آءِ ۽ رياست ۾ جهيڙو وڌي ويو آهي جنهن جي رياست، حڪومت ۽ پي ٽي آءِ ک...
ارسا ايڪٽ ۾ ترميم رد، سنڌ کي ڀت سان لڳائڻ سان وفاق ڪمزور ٿيندو: ساڃاهه وند
حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ جي سول سوسائٽي جي نمائندن، انساني حقن جي اڳواڻن ۽ صحافين ارسا ايڪٽ 1992 ۾ رٿيل ترميم کي سنڌ سميت سمورين وفاقي اڪائين ۽ وفاق دشمن ترميم قرار ڏيندي چيو آھي ته پاڻي سنڌ جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي، 1991 پاڻي ٺاھ ۾ ڪنھن به قسم جي تبديلي خلاف سنڌ جي سمورين سياسي جماعتن، سول سوسائٽي ۽ آبادگار تنظيمن کي گ...
اسٽيبلشمينٽ ورهايل، پي ٽي آءِ پنجابي پختون ويڙهه لاءِ سرگرم
اسلام آباد(ابصار عالم)فيض حميد جي گرفتاري کانپوءِ پي ٽي آءِ يڪسو آهي پر اسٽيبلشمينٽ يڪسو ناهي، پي ٽي آءِ پنجابي پختون وڳوڙن لاءِ به تيار آهي،ڪي پي کي پنجاب سان ويڙهائي سگهن ٿا،اسٽيبلشمينٽ روز نوان فيصلا ڪري ٿي،پارليامينٽ اندر جيڪي گرفتاريون ٿيون ان جو فائدو پي ٽي آءِ کي ئي ٿيو،پي ٽي آءِ هڪ ڏينهن غلط ڪم ٿي ته ٻئي ڏينهن ...
وات ۾ بوءِ به گيس جي نشاني؟ گيس دل جو دورو ڪيئن ڏئي ٿي؟
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) گيس جو سور دل جي دوري جيترو دردناڪ هوندو آهي، گيس اصل ۾ معدي ۾ هوندي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن دل تائين به ويندي آهي، جنهن ڪري ڪيترن ئي ماڻهن جو خيال هوندو آهي ته کين دل جو مسئلو آهي، پر حقيقت ۾ اها گئس آهي جيڪا اندر گردش ڪري ٿي. معدي ۾ کاڌي جي هاضمي جي عمل دوران گيس پيدا ٿئي ٿي، جيڪا مختلف ذريعن ذريعي جسم مان ...
End of preview. Expand in Data Studio

Sindhi News Corpus (Awami Awaz)

Overview

The Sindhi News Corpus (Awami Awaz) is a Sindhi-language news dataset collected from Awami Awaz newspaper for Natural Language Processing (NLP) research. This dataset is designed to support research in low-resource language processing, particularly for Sindhi.

Each entry contains:

  • Headline — News title
  • Content — Full news article text

The dataset is structured in CSV format (UTF-8 encoding).


Use Cases

  • Text Classification
  • News Summarization
  • Headline Generation
  • Language Modeling
  • Named Entity Recognition (NER)
  • Information Retrieval
  • Low-Resource NLP Research

Format

CSV file with two columns:

  • Headline
  • Content

Notes

  • Encoding: UTF-8
  • Cleaned and structured for NLP tasks
  • Suitable for training and fine-tuning transformer-based models

Author

Danish Mahdi
Hugging Face: https://huggingface.co/DanishMahdi

Downloads last month
8